welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بحريا اسڪينڊل: سنڌ جي9 ڪامورن ڪروڙن جون “گفٽ جائيدادون” وٺي گنگا ۾ هٿ ڌوتا

ڪراچي:(سومر 23 جون 2025ع)ڪراچي جي مختلف قديم ڳوٺن ۽ سنڌ سرڪار جي 17 هزار ايڪڙ زمين تي اڏيل بحريا ٽائون واري اسڪينڊل ۾ سنڌ حڪومت جي موجوده توڙي اڳوڻن ڪامورن پڻ “وهندڙ گنگا” سمجهي هٿ ڌوتا. ان ڏس ۾ نيب ڪراچيءَ وٽان مليل ڄاڻ موجب سنڌ حڪومت لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري جاويد حنيف خان بحريا ٽائون جي زمينن جي منظوري جي عيوض ڊي ايچ اي سٽي، لياري ۽ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ ۾ انيڪ جائدادون ورتيون. جڏهن ته بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي ڊي جي آغا مقصود عباس پڻ لياري ۽ ملير اٿارٽيءَ ۾ مختلف جائدادون حاصل ڪيون. ٻئي پاسي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي هڪ ٻئي ڊي جي منظور قادر ڪاڪا پڻ ايل ڊي اي ۽ ايم ڊي اي ۾ 2 پراپرٽيون ورتيون. نيب رڪارڊ موجب ايم ڊي اي جي ٽائون پلاننگ شعبي جو ڊائريڪٽر رهندڙ محمد صديق ماجد توڙي ايڊيشنل ڊائريڪٽر سيد نشاط علي رضوي پڻ ايم ڊي اي ۽ ايل ڊي اي ۾ 2،2 جائدادون حاصل ڪيون. ڪراچي اوڀر جو اڳوڻو ڊي سي رهندڙ قاضي جان محمد پڻ انهيءَ ڊوڙ ۾ پوئتي نه رهيو. هن ڪاموري پڻ ڊي ايچ اي ۾ 2 جائدادون حاصل ڪيون. لينڊ يوٽيلائزيشن جي هڪ اڳوڻي سيڪريٽري ثاقب سومري پڻ ڊي ايچ اي ۾ هڪ جائداد حاصل ڪئي. ايم ڊي اي جي اڳوڻي ڊي جي محمد سهيل پڻ ڊي ايچ اي سٽيءَ ۾ هڪ جائداد حاصل ڪئي. سوني جهرڪي سمجهيو ويندڙ ملير ضلعي جي مراد ميمڻ تعلقي جي اڳوڻي مختيارڪار طفيل خاصخيليءَ پڻ ڊي ايچ اي سٽي ۾ ڪروڙن جي جائداد ٺاهي، نيب پاران انهن ڪامورن کي مليل جائدادن سميت بحريا ٽائون جي مالڪن جون 457 پراپرٽيون منجمد ڪيون ويون آهن، نيب موجب بحريا ٽائون کي 17هزار ايڪڙ سرڪاري زمين الاٽ ڪري صوابئي خزاني کي 708.08ارب رپين جو نقصان پهچايو ويو

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے