نئون دیرو:(سومر 23 جون 2025ع)ايران اسرائيل جنگ ۾ شدت کانپوءِ ايران ۾ روزگار لاءِ ترسيل ماڻهن جا وارث پريشان، ان ڏس ۾ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ڀرسان ڳوٺ چانڊيا پتافي جي رهواسي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن مٿي تي پاڪ ڪتاب کڻي تهران جي شاهه عبدالعظيم، قلي گابري، ڪوچيسر، باقرآباد ۾ ڦاٿل 400 کان وڌيڪ عورتن، مردن ۽ ٻارڙن جي خير خيريت سان واپسي لاءِ مائي ڪلثوم خاتون، نجمه، حڪميان، ثريا، روبينه، محمد مٺل، نادر، محمد تقي، هاشم، ثناءُ الله ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو،سندن جو چوڻ هو ته اسان جا 400 کان وڌيڪ عورتون، مرد ۽ ٻار ايران ۾ ڦاٿل آهن، هن وقت ايران ۽ اسرائيل ۾ هلندڙ جنگ وڌيڪ شدت وٺي وئي آهي، جنهن ڪري ايران ۾ ڦاٿل اسان جي پيارن جون زندگيون خطري هيٺ آهن، اسان جا ماڻهو ايران ۾ قائم پاڪستان ايمبيسي به مدد لاءِ ويا آهن جتي ايمبيسي ۾ ويٺل عملدار انهن جي ڪا به واهر نٿو ڪئي،هنن صدر پاڪستان آصف علي زرداري، وزير اعظم شهباز شريف، آرمي چيف جنرل عاصم منير کان مطالبو ڪيو ته ايران ۾ ڦاٿل اسان جي 400 کان وڌيڪ ماڻهن کي واپس ڏيهه آندو وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language