
اسلام آباد:(سومر 23 جون 2025ع)وزيراعظم شهباز شريف ايران جي صدر مسعود پيزشڪيان سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو. وزيراعظم آمريڪي حملن جي سخت مذمت ڪئي آهي، هن ايراني عوام ۽ حڪومت سان پاڪستان جي يڪجهتي ۽ قيمتي جانن جي ضايع ٿيڻ تي دلي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. وزيراعظم خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته آمريڪي حملن ۾ انهن ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو جيڪي عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (IAEA) جي تحفظ هيٺ هئا. هي حملا IAEA جي قانونن ۽ ٻين عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي آهن. اقوام متحده جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت ايران جي دفاع جي حق جو ذڪر ڪندي وزيراعظم امن جي لاءِ فوري ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ضرورت تي زور ڏنو، جيڪو اڳتي وڌڻ جو واحد قابل عمل رستو آهي. وزيراعظم ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ فوري گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو. صدر پيزشڪيان ايران لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو. هن وزيراعظم، حڪومت ۽ پاڪستاني عوام سميت عسڪري قيادت پاران ايران جي عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جي اظهار ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو. ٻنهي اڳواڻن هن نازڪ وقت تي امت مسلمه ۾ اتحاد جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.
اسلام آباد: پاڪستان ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي آمريڪي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي معاملن واري کاتي جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان اسلامي جمهوريه ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي آمريڪا جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو. هي حملا اسرائيل طرفان جاري جارحيت جي تسلسل جو حصو آهن، جنهن تي پاڪستان کي شديد ڳڻتي آهي. خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ جو خدشو انتهائي سنگين آهي. هي حملا بين الاقوامي قانونن جي مڪمل ڀڃڪڙي آهن، ۽ ايران کي گڏيل قومن جي چارٽر تحت پنهنجي دفاع جو مڪمل حق حاصل آهي. ترجمان خطي ۾ جاري غيرمعمولي ڇڪتاڻ ۽ تشدد تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن صورتحال ائين ئي وڌندي رهي ته ان جا تباهه ڪن نتيجا نڪرندا، جيڪي صرف هن خطي تائين محدود نه رهندا. شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي، ۽ سڀني ڌرين کي فوري طور جنگ بندي ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي کاتي چيو ته سڀني قومن کي بين الاقوامي قانون، خاص طور تي بين الاقوامي انساني قانون جي عمل ڪرڻ گهرجي. خطي ۾ بحران جو حل رڳو گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن موجب ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي ئي ممڪن آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language