welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌو مٿان ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ تحت زمينن جي والار ڪرڻ نه ڏبي: زين شاه

مورو:(اڱارو 24 جون 2025ع)سنڌو درياءُ بچايو ڪاميٽي جو ڪنوينر ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو صدر سيد زين شاهه مورو واقعي ۾ شهيد ٿيل عرفان لغاري ۽ زاھد لغاري جي تڏي تي پھچي سندس وارثن سان الڳ الڳ تعزيت ڪئي، ان موقعي تي سيد زين شاھ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌو درياءَ مٿان ڪئنال ٺاھڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ تحت زمينن جي والار ھرگز ڪرڻ نه ڏني ويندي، ھڪ دوکي تحت تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، حڪمران پنھنجيون حڪومتون بچائڻ لاءِ قومي تحريڪ کي ڪچلڻ جي ناڪام ڪوششون ڪري رھيا آھن پر اسان ھميشه پر امن سياسي جدوجھد تي يقين رکيو آھي، جيڪا جاري رکي ويندي، هن چيو ته عوام جي طاقت سان ڀرپور آواز بلند ڪيو ويندو، 26ھين آئيني ترميم ذريعي ڪورٽن کي ڪمزور ڪيو ويو آھي ۽ ماتحت بڻايو ويو آھي پر مٿيون ڪورٽون اڃا آزاد آهن، جتان انصاف جي اميد اڃا باقي آھي، ھن چيو ته خوف ۾ سنڌ جو عوام نه اچي، پنھنجي جدوجھد جاري رکي، شھيدن جا وارث به ھمت ڪن ۽ پاڻ پوئتي نه ڪن، کين سنڌ جو عوام گڏ آھي، ھن چيو ته پ پ پنھنجي آقائن جي معرفت سنڌو درياءَ جي پرامن جدوجھد کي نقصان ڏيڻ لاءِ بحريه ٽائون جھڙو واقعو ڪرايو هو جيئن بحريه جي گيٽ کي ھٿ سان باھ ڏني وئي، اھڙي ريت مورو ۾ واقعو ڪرايو ويو، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اها پراڻي روش رھي آھي، ھي پر امن سياسي ڪارڪنن تي دھشتگردي جا ڪوڙا ڪيس ڪري رھيا آھن، جيڪڏھن ماڻھن کي پرامن سياست نه ڪرڻ ڏيندا ته باقي ڪھڙو رستو آھي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے