
نصيرآباد:(اڱارو 24 جون 2025ع)شاگردن کي درسي ڪتاب ملڻ بجائي ڪٻاڙ جي دڪانن تي وڪرو ٿيڻ لڳا، ٽي او آفيس جو پٽيوالو بابر علي تنيو درسي ڪتاب پاچڪن ۾ ڀري وڪرو ڪرڻ آيو ته شهري پاران ويڊيو ڀري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي، وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ شهر جي سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن ڪامريڊ سينگار نوناري، محمد يوسف پتوجو ، عنايت الله تنيو ، ابراهيم چانڊيو ۽ ٻين پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اڳ ئي اسڪولن ۾ ڪتابن جي کوٽ آهي، هر سال ڪتابن جي کوٽ خلاف شهري احتجاج ڪندا آهيون، ڪتاب وڪرو ڪرڻ انتهائي شرمناڪ عمل آهي، سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪيون ته ڪتاب وڪرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪري ملوث عملدارن کي سخت سزا ڏني وڃي، رابطو ڪرڻ تي تعلقي ايجوڪيشن آفيسر نصيرآباد پرويز علي ڀٽي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته منهنجي آفيس جو ملازم بابر علي تنيو آھي، جنهن گذريل سال جا درسي ڪتاب کپايا آھن، جيڪي ڪافي سالن کان ٽي او آفيس ۾ پيل هيا، جڏھن ته شڪايت ملڻ تي اهي ڪتاب واپس ڪرائي آفيس ۾ جمع ڪرايا آھن، جڏھن ته ڪتاب کپائڻ جي معاملي تي مون انڪوائري ڪاميٽي جوڙي آھي، جنهن ۾ آفيس سپرنيڊنٽ علي اڪبر مغيري، پ ٽ الف نصيرآباد جو جنرل سيڪريٽري عبدالوهاب بروهي ۽ آئون پاڻ انڪوائري ڪندس، جيڪڏھن ملازم ملوث نڪتو ته ان خلاف اداري طرفان سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language