
حیدرآباد:(اڱارو 24 جون 2025ع)پاليل پٽ ھٿان بيدردي سان قتل ڪيل سنڌ جي نامياري مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي زال حليمان انصاري قاتل نيپاج پٽ جي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪئي آھي، جنھن بعد سوشل ميڊيا تي سنڌ جي ساڃاهه وندن پاران اھڙي عمل تي ڏک جو اظهار ڪندي قاتل کي انجام تائين پهچائڻ جو عزم، تفصيل موجب نالي واري ۽ حساس طبعيت جي مالڪ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو ڪجھه مھينا اڳ بيدردي سان قتل ڪري باھه ڏئي ساڙيل لاش مليو ھو، جنھن ۾ سندس نپايل پٽ شاھ لطيف قتل جو اعتراف پڻ ڪري چڪو ھو ۽ جيل ۾ آھي، انھي حوالي سان ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي زال حليمان انصاري پنھنجي قاتل نيپاج پٽ لطيف جي ضمانت لاءِ فائر ڪندي موقف اختيار ڪيو آھي ته ھو ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي زال ۽ وارث آھي، جيڪڏھن عدالت پٽ جي ضمانت منظور ڪري ته کيس ڪو به اعتراض ناھي ڇو ته قتل سان سندس پٽ جو ڪو به تعلق ڪونھين رنجشن جي بنياد تي سندس خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، واضح رهي ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي چند مهينا اڳ 15 فيبروري تي ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي پاليل پٽ مبينا طور تي حيدرآباد ۾سندس فليٽ تي ڇرين جا وار ڪري بعد ۾ لاش کي باھ ڏيئي ساڙي ڇڏيو ھو ۽ جوابدار لطيف عدالت ۾پڻ قتل جو اعتراف ڪيو آهي، ٻي طرف ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي زال حليمان انصاري طرفان قاتل نيپاج پٽ لطيف جي ضمانت واري درخواست تي بدين جي سياسي سماجي شخصيتن سميت سوشل ميڊيا تي وڏي تعداد ۾ رد عمل سامھون اچي رھيو آهي ته سنڌ جي نالي واري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جھڙي عظيم انسان جي زال کي اھو نٿو جڳائي ته ھو قاتل نيپاج پٽ کي آزاد ڪرائي پنھنجي مڙس حساس طبعيت جي مالڪ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي خون سان انصاف جي رستا روڪ ڪري ھنن جو چوڻ ھو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي سڄي سنڌ وارث آھي ۽ ڪنھن به صورت ۾ سندس خون کي لوڙهڻ نه ڏنو ويندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language