
پيرجوگوٺ:(اڱارو 24 جون 2025ع)پيرجوڳوٺ لڳ ڪارنهن تڪرار تان رتوڇاڻ، هٿياربندن جو حملو، 4 نوجوانن کي رستي تي روڪي قتل ڪري ڇڏيو، وارثن جو لاش قومي شاهراهه تي رک ڌرڻو، 58 ڄڻن خلاف 2 ڌار ڌار ڪيس داخل، گرفتاري نه ٿي، رپورٽ موجب پيرجوڳوٺ لڳ وڏا ماڇيون ٿاڻي جي حد ڪوٽ پل واري علائقي ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين خوشحالاڻي پاڙي ۽ ٺاراڻي پاڙي ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار تان خوشحالاڻي پاڙي جي هٿياربندن پيرجوڳوٺ کان واپس موٽرسائيڪلن تي ڳوٺ ايندڙن کي وڏا ماڇيون لڳ باغ علي شاھه بخاري قبرستان وٽ روڪي مٿن جديد هٿيارن سان ڇتي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ آفتاب عرف سهيل جاگيراڻي، ثناءُ الله جاگيراڻي، زبير احمد جاگيراڻي موقعي تي قتل ٿي ويا، جڏهن ته ياسين جاگيراڻي سخت زخمي ٿي پيو، واقعي بعد هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، اطلاع تي مقتولن جا وارث ۽ وڏا ماڇيون ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش ۽ زخمي نوجوان کي کڻائي خيرپور اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمي نوجوان ياسين جاگيراڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، مارجي ويل 4 نوجوانن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، وارثن ٽن مقتول نوجوانن جا لاش شاھه حسين باءِ پاس تي رکي ڌرڻو هنيو جنهن ڪري ٽريفڪ بلاڪ ٿي وئي ۽ ٻنهي پاسن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون، ايس ايس پي خيرپور حسن سردار نيازي ڌرڻي واري هنڌ پهچي مقتول نوجوانن جي وارثن سان ڳالهائي روڊ کولرايو، جنهن بعد ٻن مقتول نوجوانن جا لاش ڳوٺ صوبل خان جاگيراڻي ۽ ٻن مقتول نوجوانن جا لاش ڪوٽ پل لڳ ڳوٺ ٺارو خان جاگيراڻي آندا ويا ته سندن گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو.
پوليس حملي ۾ ملوث هڪ به جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي
پيرجوڳوٺ: 4 ڄڻن جي قتل واري واقعي جو ماڇيون وڏا ٿاڻي تي ڪيس داخل هجڻ باجود پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي، آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي، مقتولن جي وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس جوابدار ڌر سان ٻٽ بڻيل آهي، جنهن ڪري انهن خلاف ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري.
ايس ايس پي جي موجودگي ۾ واقعي جا ڪيس داخل ڪيا ويا
پيرجوڳوٺ: ايس ايس پي خيرپور حسن سردار نيازي جي موجودگي ۾ وڌا ماڇيون ٿاڻي تي مارجي ويل نوجوان ثنا الله جاگيراڻي جي ماءُ حيات خاتون مقتول نوجوان آفتاب احمد عرف سهيل جاگيراڻي جي امڙ مسمات صنم جاگيراڻي جي فرياد تي 58 ڄڻن 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا، ڪيسن ۾ جاني خان جاگيراڻي، دلبر، بابل خان، رحمت الله، نبن، سبحان علي، راشد، ساجد، عرفان، گلشير، عثمان ۽ ٻين کي جوابدار نامزد ڪيو ويو.
ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ، علائقو نوگو ايريا بڻجي ويو
پيرجوڳوٺ: واقعي بعد ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، جڏهن ته علائقو نوگوايريا بڻجي ويو، علائقي ۾ خوف هراس سبب جهيڙيندڙ ڌرين جي ڳوٺن ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا ويران رهيا ۽ اچ وڃ بند رهي.
ڌرين ۾ 3 مهينا اڳ ڪارنهن معاملي تان تڪرار شروع ٿيو
پيرجوڳوٺ: ٻڌايو پيو وڃي ته ٻنهي ڌرين ۾ ٽي مهينا اڳ ڪارنهن معاملي تان تڪرار شروع ٿيو هو، جنهن ۾ هڪ نوجوان ۽ ناري قتل ٿيا هئا،ڪالهه ڪارنهن الزام هيٺ آيل ڌر جي هٿياربندن حملو ڪري مخالف ڌر جي 4 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language