welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اسلام ڪوٽ جي اسپتال يا ٽارچر سيل؟ علاج لاءِ آيل عورتن تي وحشياڻو تشدد، جھيڙو، مريض گرفتار

اسلام ڪوٽ:(اڱارو 24 جون 2025ع)اسلام ڪوٽ جي پي پي ايچ آءِ رورل ھيلٿ سينٽر اسپتال ۾ علاج لاءِ پھتل ڳوٽ ولي تڙ جي رھواسڻ عورت شبانه ۽ عصمت ٻائي سمون ڊاڪٽرياڻي کان چيڪ اپ ڪرائڻ پھتيون ته موجود ڊاڪٽرياڻي چيڪ اپ بدران کيس ڌڪا ڏئي ڪمري مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو، اھڙي صورتحال بعد ڊاڪٽرياڻي ۽ مريض عورتن ۾ جھيڙو ٿي پيو، ھڪٻئي کي مارڪٽ ڪئي وئي، جنھن بعد ڊاڪٽرياڻي مريم درس فون ڪري پنھنجي مڙس علي درس کي اسپتال گھرائي مسئلو ٻڌايو، جنھن تي ڊاڪٽرياڻي جي مڙس علي درس اسپتال جي احاطي اندر مريض عورت جي ڀاءُ ۽ صحت کاتي جي ملازم ڏاڙھون سمون کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي مارڪٽ ڪرڻ بعد پوليس گھرائي کيس لاڪپ ڪرائي ڇڏيو، گرفتار ڪرايل ڏاڙھون سمون کي دل جو دورو پئجي ويو، جنھن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان کيس مٺي ريفر ڪيو ويو آهي، انھي سلسلي ۾ متاثر عورتن شبانه، عصمت ۽ گڏ آيل نوجوان آچار سمون پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسپتال ۾ مقرر ٿيل ڊاڪٽرياڻي مريم درس اسان سان اڍنگي رويي بعد جھيڙو ڪيو،اسان جي ڌڪا ڏنا ويا، جھيڙي بعد ڊاڪٽرياڻي مريم پنھنجي مڙس کي گھرائي اسان جي ڀاءُ ڏاڙھون سمون کي تشدد جو نشانو بڻائي پوليس ھٿان گرفتار ڪرايو آهي، اسپتال ۾ مريضن سان اھڙو ظلم ھلي رھيو آھي، ڪير پچڻ وارو ناھي،ڄاڻايل ڊاڪٽرياڻي اڳ ۾ ڪيترن ئي مريضن سان جھيڙا ڪيا آھن، پر پي پي ايچ آءِ انتظاميه ڪا به ڪارروائي نه ٿي ڪري، علاج لاءِ ايندڙن کي پوليس ھٿان گرفتار ڪرايو ٿو وڃي، جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي. مون پوليس ناهي گهرائي نه ڪنهن تي تشدد ڪيو: ايڊمنسٽريٽر جي ڪمپلين تي ڏاڙهون گرفتار ٿيو: ڊاڪٽرياڻي جو مڙس اسلام ڪوٽ: ڊاڪٽرياڻي جي مڙس علي درس چيو آھي ته ڏاڙھون سمون کي ايڊمنسٽريٽر جي ڪمپلين تي پوليس گرفتار ڪيو آھي، منھنجو گرفتاري سان ڪو به تعلق ناھي نه وري مون ھن تي تشدد ڪيو آھي. الزام بي بنياد آهن، رابطي تي ايس ايچ او زيشان لاشاري چيو ته اسان ڊي ايچ او جي شڪايت تي ڏاڙھون سمون کي گرفتار ڪيو ھو،اسان کي ٻڌايو ويو ته ڊاڪٽرياڻي تي تشدد ٿيو آھي، اسپتال انتظاميا چيو ته تشدد ڪندڙن تي ڪيس داخل ڪرايو ويندو. سمان برادري جي عورتن مون کي وارن مان گھلي تشدد ڪيو: ڊاڪٽر مريم اسلام ڪوٽ: الزام ھيٺ آيل ڊاڪٽرياڻي مريم درس چيو آھي ته سمان برادري جي ٻن عورتن شبانه ۽ عصمت اسپتال اندر مون تي تشدد ڪيو آھي مونکي وارن مان گھليو ويو، مون سان انصاف ڪيو وڃي،

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے