
جروار:(اڱارو 24 جون 2025ع)جروار ڀرسان 10 سالا نينگري کي وڏيري پاران زبردستي وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش، نينگري پنھنجي ماءُ ۽ ڀاءُ سان گڏ صحافين وٽ پھتي، پوليس وڏيري کي گرفتار ڪرڻ بعد آزاد ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته وڏيرو لکي ڏئي ويو آھي ته هن جو ڪو به واسطو ناهي، تفصيل موجب ڳوٺ خدابخش لغاري واسي 10 سالا نينگري سيما لغاري پنھنجي امڙ سان گڏ پريس ڪلب پھچي دانھيو ته ڳوٺ جو وڏيرو اميربخش لغاري کيس وڪرو ڪرڻ چاھي ٿو، گذريل ڏينھن مون کي اغوا ڪرڻ لاءِ ھٿياربند وٺي آيو ھو، مان پنھنجي ماءُ سان گڏ مامي وٽ پناھ ورتي آھي، نينگري جو چوڻ ھو ته وڏيرو ظالم قسم جو ماڻھو آھي، جنهن مان زندگي کي خطرو آھي، نينگري جي امڙ شمينا لغاري جو چوڻ ھو ته مون کي ڪجھه سال اڳ مڙس طلاق ڏني ھئي، وڏيرو امير بخش لغاري منھنجي ڌيءُ سيما کي وڪرو ڪرڻ چاھي ٿو، منھنجي انڪار تي وڏيرو ھٿياربند وٺي منھنجي ڌيءُ کي اغوا ڪرڻ آيو ھو. ھوڏانھن جروار پوليس ڪارروائي ڪندي وڏيري امير بخش لغاري گرفتار ڪري آئي، جنهن کي بعد ۾ ڇڏي ڏنو، پوليس ٻڌايو ته وڏيري لکت ڏني آھي ته نينگري سان منھنجو ڪو به واسطو نه آھي ۽ نه ئي نينگري کي وڪرو ڪيان ٿو، وڏيري اميربخش رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نينگري کي پنھنجي امڙ وڪرو ڪري ٿي، مون مٿان الزام بي بنياد آھن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language