
جيڪب آباد:(اڱارو 24 جون 2025ع)جيڪب آباد ۾ نيب ٽيم تي حملو ڪندڙ سڀ جيالا ڪيس مان بري ٿي ويا. ان ڏس ۾ جيڪب آباد ۾ نيب ٽيم تي حملي جي ڪيس جي ٻڌڻي فرسٽ سول جوڊيشل مئجسٽريٽ فيملي ڪورٽ جي جج سجاد کوسو جي عدالت ۾ ٿي، جنهن ۾ عدالت محفوظ ٿيل فيصلو جاري ڪيو عدالت ۾ ڪيس ۾ نامزد ٿيل 17 جوابدار ولي جکراڻي، جاويد مينگل، عابد ڀٽي، ظفر ٻرڙو، خادم ڀٽو، سجاد مستوئي، ياسين جکراڻي، منظور جکراڻي، وسيم جکراڻي، انور ميمڻ سميت ٻيا پيش ٿيا، جڏهن ته جوابدارن ڌر جو وڪيل مظفر علي رند ۽ سرڪاري وڪيل جاويد شاهه به موجود هئا عدالت جاري ڪيل فيصلي ۾ سڀني جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ جوابدار جي وڪيل مظفر رند ٻڌايو ته نيب پراسيڪيوٽر، ڪيس ۾ فريادي ۽ شاهد بڻيل پوليس عملدارن کان ڪراس سوال ڪيا ويا، جيڪي ڪيس مطابق نه هئا، جنھن سبب ڪيس ۾ نامزد ٿيل جوابدار بري ٿي ويا آهن، نيب حملي ڪيس ۾ ايم اين اي اعجاز جکراڻي جو سؤٽ ولي جکراڻي سميت 17 جوابدارن جا نالا ڪيس ۾ هلندڙ هئا جيڪب آباد جي مختلف عدالتن ۾ نيب حملي جو ڪيس هلندو رهيو 4 سال اڳ داخل ڪيل ڪيس جو ڪالهه فيصلو ٻڌايو ويو، جنهن ۾ سڀ جوابدار بري ٿي ويا آهن. ياد رهي ته نيب ڪرپشن ڪيس ۾ ايم اين اي اعجاز جکراڻي جي گرفتاري لاءِ سندس گهر تي 28 جون 2021ع تي ڇاپو هنيو هيو ته پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن ۽ جکراڻي برادري جي ماڻهن نيب ٽيم جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سميت ٻين عملدارن کي يرغمال بڻايو ويو هو، جنهن کان پوءِ انهن کي واپس وڃڻ دوران تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جيڪا وڊيو سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿي هئي نيب ٽيم تي تشدد ڪرڻ جو ڪيس سول لائن ٿاڻي تي ان وقت جي ايس ايچ او شريف مهر جي فرياد تي ٽن ڄاتل 250 اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو هو.
نيب پراسيڪيوٽر کي عدالتي فيصلو چيلينج ڪرڻ جو حق حاصل
جيڪب آباد: نيب ٽيم تي حملي جو ان وقت جي نيب چيئرمين جسٽس ر جاويد اقبال نوٽيس ورتو هو، نيب جي پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو هو ته اعجاز جکراڻي جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ نيب ٽيم نوٽيس جي تعميل ڪرائڻ پهتي ته نيب ٽيم تي اعجاز جکراڻي جي بنگلي ٻاهران بيٺل هجوم نيب ٽيم تي حملو ڪيو، نيب ٽيم تي حملي کان پوءِ ان وقت جي ايس ايس پي نيب ٽيم سان تعاون نه ڪيو، ان وقت جي نيب چيئرمين پڻ جاچ جو حڪم ڏنو هو. نيب ٽيم تي حملي ڪيس ۾ جوابدارن جي بري ٿيڻ کان پوءِ نيب پراسيڪيوٽر کي قانوني حق مليل آهي ته هو ماتحت عدالت جي فيصلي خلاف هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي ۾ اپيل داخل ڪرائي سگهي ٿو. هاڻي ڏسجي ته نيب پراسيڪيوٽر جيڪب آباد جي عدالت پاران جاري ڪيل فتويٰ خلاف اپيل داخل ڪرائي ٿو يا ماتحت عدالت جو فيصلو قبول ڪيو وڃي ٿو.
ڪيس ۾ اعجاز جکراڻي ۽ پٽ به نامزد هئا، هاءِ ڪورٽ بيگناهه قرار ڏنو
جيڪب آباد: نيب ٽيم تي حملي ڪيس ۾ پوليس اڻڄاتل جوابدارن ۾ اعجاز جکراڻي ان جي پٽ رافع جکراڻي ۽ سندس سؤٽ مجيب جکراڻي کي نامزد ڪيو هو، جنهن کان پوءِ اعجاز جکراڻي سندس پٽ رافع جکراڻي ۽ مجيب جکراڻي لاڙڪاڻي هاءِ ڪورٽ ۾ ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي پٽيشن داخل ڪرائي هئي جيڪي هاءِ ڪورٽ مان نيب حملي ڪيس مان بيگناهه ثابت ٿيا هئا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language