welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

مدئجي ويجھو پل نه ٺهي، جنازو پاڻي مان گذاريو ويو

مدئجي:(سومر 30 جون 2025ع)مدئجي ويجهو ڊکڻ ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندڙ پوليس اهلڪار عبدالحفيظ جکرو جو لاش واھ کي پل نه هجڻ ڪري ڳوٺاڻن طرفان پاڻي جھاڳي قبرستان آندو ويو، اهڙي وڊيو ٽائيم نيوز هٿ ڪري ورتي آھي،جنهن ۾ نظر اچي رهيو آهي ته ڳوٺاڻا مجبور ٿي لاش کي پاڻي مان ڪراس ڪري قبرستان کڻي وڃي رهيا آھن، ان حوالي سان ڳوٺاڻن موجب پوليس اهلڪار عبدالحفيظ جکرو دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو ھو، جنهن کي دفنائڻ لاءِ متبادل رستو نه هجڻ ڪري پاڻي مان گذري جنازو قبرستان آندو ويو آهي، ڳوٺاڻن وڌيڪ چيو ته وڏي عرصي کان واھ ۾ پل نه هجڻ ڪري ڏکيائيون ٿي رهيون آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے