ڳڙھي حسن:(سومر 30 جون 2025ع)ڳڙھي حسن لڳ فيس بوڪ تي ڪمينٽ ڏيڻ تان معذور پيرسن ڪائونسلر تي تشدد، بيهوش حالت ۾ ڦٽو، تشدد واري وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل، باھوکوسو ٿاڻي جي حد ڊيرا موڙ وٽ يوسي تاجو کوسو جي پيرسن ڪائونسلر علي مراد جکراڻي پاران فيس بوڪ تي نازيبا ڪمينٽ ڏيڻ تان موٽرسائيڪل سوار 8 ڄڻن حملو ڪري مبينا طور تشدد ڪري پيرسن ڪائونسلر علي مراد جکراڻي کي رتورت ڪري ڇڏيو، پيرسن کي بيهوش حالت ۾ ڦٽو ڪيو ويو، زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو،جڏهن ته تشدد واري وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، ان حوالي سان يوسي تاجو کوسو جي زخمي ٿيل ڪائونسلر پيرسن علي مراد جکراڻي ٻڌايو ته موٽرسائيڪل تي زرعي زمين لاءِ ڀاڻ وٺڻ وڃي رھيو ھوس ته ڊيرا موڙ وٽ موٽرسائيڪلن تي سوار جکراڻي ڌر جي ماڻهن حملو ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد رتو رت ڪرڻ بعد بيھوش ڪري فرار ٿي ويا. هن الزام هنيو ته جوابدار 40 ھزار روڪ رقم ، موٽرسائيڪل ۾ ڦري ويا آھن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language