welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

وزيراعظم شهباز شريف اڄ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آذربائيجان روانو ٿيندو

اسلام آباد:(خميس 03 جولاءِ 2025ع)وزيراعظم شهباز شريف اڄ 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آذربائيجان روانو ٿيندو. ترجمان موجب، وزيراعظم شهباز شريف دوري دوران اقتصادي تعاون تنظيم جي 17 هين سربراهي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڪندو ۽ سربراهي اجلاس ۾ علائقائي ۽ عالمي چئلينجن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف اي سي او ويزن 2025 لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجائيندو. ترجمان جو چوڻ آهي ته وزيراعظم اي سي او ميمبر ملڪن جي اڳواڻن سان ٻطرفي ملاقاتون پڻ ڪندو، جنهن ۾ هو علائقائي واپار، توانائي ۽ رابطن جي فروغ تي زور ڏيندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے