welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ماٿيلي مان گهران ڪاوڙجي نڪتل زال مڙس ڀارت پهتا، ريگستان مان لاش هٿ

ميرپور ماٿيلو:(سومر 30 جون 2025ع)ميرپورماٿيلو مان ڪاوڙجي گهران نڪتل زال مڙس ڀارت جي جيسلمير ۾ فوت، هفتو پراڻا لاش ريگستان مان هٿ، خبر موجب ميرپورماٿيلو جي ڳوٺ غلام حسين لغاري واسي 17 ورهين جو نوجوان روي ڪمار ولد ديوان ۽ سندس گهر واري شانتي ٻائي ڌيءَ گليو هڪ هفتو اڳ گهران ڪاوڙجي نڪتا هئا، انڊيا جي جيسلمير واري ريگستاني علائقي مان ٻنهي جا پراڻا لاش مليا آهن، ڀارتي اختيارين لاشن وٽان مليل شناختي ڪارڊ مان ٻنهي ڄڻن جي سڃاڻپ ڪئي، جڏهن ته لاشن وٽان هڪ موبائيل فون به مليو آهي، جنهن ۾ پاڪستاني سم پيل آهي، وارثن مطابق نوجوان روي ڪمار هڪ هفتو اڳ پنهنجي والد سان ناراض ٿي گهر ڇڏي ويو هو، سندس آخري موبائيل لوڪيشن کينجهو واري ريگستاني علائقي جي ويجهو ظاهر ٿي هئي، جنهن بعد سندس ڳولا جاري هئي پر وارثن کي ڀارتي رياست راجستان مان لاش ملڻ جو اطلاع ميلو، جڏهن ته اهو واضح نه ٿي سگهيو آهي ته نوجوان پنهنجي زال سميت بارڊر ڪيئن پار ڪري انڊيا تائين پهتو، وارثن جو چوڻ آهي ته ٻنهي جي فوت ٿيڻ جو اطلاع سوشل ميڊيا ذريعي مليو، سندن لاش 6 کان 7 ڏينهن پراڻا هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڳولا دوران روي جي موٽرسائيڪل ڀارتي بارڊر تان ملي: وارث ميرپورماٿيلو: وارثن ٻڌايو ته نوجوان روي ڪمار ۽ سندس گهر واري جن جو جيڪو ڪجهه سامان هو اهو هو ٻئي گهران ڪاوڙجڻ بعد گهران کڻي نڪتا هئا ۽ موٽر سائيڪل ڪجهه ڏينهن اڳ وارثن کي پاڪستان ڀارت جي بارڊر ويجهو نور پير واري علائقي مان ملي هئي، جنهن بعد اندازو لڳايو ويو هو ته هو بارڊر پار ڪري ڀارت هيا ويا آهن، وارثن طرفان سامان ملڻ جي تصديق ڪئي پئي وڃي. زمين ۾ ڪم ڪرڻ جو چوڻ تي نوجوان گهران ڪاوڙجي نڪتو ميرپورماٿيلو: نوجوان روي ڪمار هفتو اڳ پيءُ کان ڪاوڙجي گهران نڪتو هو، ان حوالي سان ذريعن وٽان پنهنجي اخبار کي مليل ڄاڻ موجب سندس پيءُ ديوان ڪمار زمين ۾ ٻيجاري کي پاڻي ڏيڻ لاءِ چيو جنهن تان روي ڪمار ساڻس منهن ماري ڪئي ۽ ٻئي زال مڙس سامان کڻي موٽرسائيڪل تي روانا ٿي ويا هئا. زال مڙس ريگستان ۾ بک ۽ اڃ وگهي فوت ٿيا: وارثن پاران خدشو ظاهر ميرپورماٿيلو: روي ڪمار جي وارثن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ٻئي زال مڙس ريگستان ۾ پهچڻ بعد بک ۽ اڃ وگهي فوت ٿيا آهن، هنن جو چوڻ هو ته زال مڙس ريگستان جا سونهان نه هئا، جنهن ڪري هو گهڻو پنڌ ڪرڻ بعد کاڌو ۽ پاڻي نه ملڻ سبب بيحال ٿي فوت ٿي ويا آهن، والدين پاران زال مڙس جا لاش واپس سنڌ آڻڻ ۾ مدد جي اپيل ميرپورماٿيلو: فوتي نوجوان جي والد ديوان چيو ته سوشل ميڊيا ۽ انڊين ميڊيا تي هلندڙ خبرن مان پتو پيو ته پٽ ۽ ننهن جو جيسلمير واري علائقي ۾ موت ٿيو آهي، هن چيو ته مان پورهيو ڪري گذر سفر ڪندو آهيان، پٽ ۽ ننهن جو لاش واپس آڻڻ ۾ مدد ڪئي وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے