welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

موهن جو دڙو جو غير سائنسي بنيادن تي مرمتي ڪم ڪرائڻ جو انڪشاف: ڪرپشن جا الزام

ڏوڪڙي:(سومر 30 جون 2025ع)سنڌ جي سڃاڻپ موهن جو دڙو جو غير سائنسي بنيادن تي مرمتي ڪم ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن سان تاريخي ماڳ کي فائدي بدران نقصان رسي رهيو آهي، موهن جو دڙو انتظاميا پاران موهن جو دڙو جي ڊي ڪي ايريا، منير ايريا، ايچ آر ۽ وي ايس ايريا سميت ٻين ايرياز ۾ قديم آثارن جي تحفظ جي نالي تي مبينا طور تباهي ٿي رهي آهي، مستري ۽ مزدور قديمي آثارن اندر ٽرالين تي سرون ۽ مٽي کڻي رهيا آهن جنهن ڪري آثارن جي لتاڙ ٿي رهي آهي، ان حوالي سان نوجوان آرڪيالاجسٽ اعزاز پيرزادي جو چوڻ آهي ته موھن جو دڙو ماڳ جي آثارن کي ڪيترا ئي خطرا درپيش آھن، زنده قومن لاءِ سندن تاريخ جو تحفظ سڀ کان اولين فرض ھوندو آھي ۽ تاريخي ماڳن جو تحفظ ڪرڻ آرڪيالاجي جي ماھرن جو ڪم ھوندو آھي، موھن جو دڙو ماڳ تي ھڪ به ٽيڪنيڪل ماڻھون نه رکيل آھي ٽيڪنيڪل ماڻھو جي نه ھجڻ جا ڪيترائي ئي نقصان ٿيندا آھن، ان جو اندازو اوھان کي به ضرور ھوندو، اھڙي ريت موھن جو دڙو به سفارشي ۽ نااھل ٽولي ھٿان مسمار ڪيو پيو وڃي ۽ ذميوار ادارو ڪجھه به نه پيو ڪري ڇو جو سندن ريت ماڳن کي بچائڻ گھٽ مسمار ڪرڻ وڌيڪ رھي آھي. ھن وڌيڪ چيو ته ماڳن سان درپيش مسئلن جو سائنسي حل به ڪڍيو وڃي ماڳ تي ھلندڙ ڪنزرويشن ئي ڪنزرويشن جي پھرين اصول جي ڀڃڪڙي طور ڪئي پئي وڃي ڪنزرويشن جو بنيادي اصول آھي ماڳ جي اصليت کي برقرار رکڻ پر موھن جو دڙو جيڪو پڪل سرن Brunt Bricks جو شھر آھي ان جي ڪنزويشن ۾ ڪچيون سرون ۽ گارن جا ته چاڙھي ماڳ جي ڀِت جو نقشو ئي مٽائي پيو وڃي، صرف ايترو نه ھاڻي اھو ڀتين تي چاڙھيل گارو ۽ ڪچيون سرون جيڪي مينھن ۽ نمڪيات سبب ڳري چڪيون، اھو پراڻو تهه ھٽائي گاري جو نئون تھه ڏيڻ جو تياري ھلي رھي آھي ۽ پراڻو چاڙھيل گارو پٽي ماڳ جي ان ايريا مٿان اھا ڊيبري اڇلائي پئي وڃي، جنھن ايريا جي کوٽائي ئي ناھي ٿيل اڻ کوٽيل ايريا ۾ اھو ٽٽل سرون گارو ۽ ٻيو ڪچرو بي ترتيب اڇلائڻ سان نه صرف ماڳ جي سونھن کي متاثر ٿيندي پر ان سان ماڳ جي اصل شناخت متاثر ٿي رهي آهي. ماڳ جي اصليت کي ميساري ان کي عام مزدور کان مرمتون ڪرائي پوري ماڳ جي ظاھر آثارن کي ھيئنر ڀوري ۽ ختم ڪري ڇڏيو آھي، مٿان وري جھڙ مينھن جي به ڪا پلاننگ ناھي ڪئي وئي ھيئنر ڀرندڙ ڳرندڙ ڀتين جي تحفظ کان وڌيڪ اھم ڪجھه به ڪونھي پر آرڪيالاجي کاتي جا ذميوار اصل ڪم کي پٺي ڏئي فرمائشي پروگرام ھلايو آھي. هوڏانهن ساڃاهه وندن حسن جوڻيجو، رستم سوهو، ڪامريڊ ضمير ٻگهيو، سماجي ورڪر گلزار سوهو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته موهن جو دڙو عظيم قديم تھذيب ورثو ۽ سنڌ جي سڃاڻپ آهي، جيڪو سنڌ سرڪار جي لاپرواهي بي ڌياني جو شڪار ٿي ويو آهي، موهن جو دڙو کي ڪامورن ڪرپشن جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي، وڏي پيماني تي ڪامورا ڪرپشن ڪري رهيا آهن، مرمتي ڪم جي نالي تي غير سائنسي بنيادن تي مرمتي ڪم ڪرائي قديمي آثارن جي اصل شناخت ختم ڪئي پئي وڃي ۽ قديمي آثارن ۾ نيون سرون هڻي هٿرادو کوھ ٺاهي آثارن جي اصل شناخت ختم ڪئي پئي وڃي، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڪرپشن ۾ ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. موهن جو دڙو تي غير معياري مٽيريل استعمال جي شڪايت ملي هئي: ڪنسلٽنٽ ڏوڪري: فني ڪاميٽي جي ميمبر ۽ موهن جي دڙي جي ڪنسلٽنٽ غلام مصطفيٰ شر ٻڌايو ته موهن جو دڙو اسان جي سڃاڻپ ۽ تهذيبي ورثو آهي ان جي حفاظت ۽ قديم آثارن جي بحالي اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، مون ڪجهه ڏينهن اڳ به موهن جو دڙو تي هلندڙ ڪم ۾ غير معياري مٽيريل استعمال ڪرڻ جون شڪايتون ملڻ تي وزٽ ڪئي هئي ۽ عملدارن کي هدايتون ڪيون هيون ته موهن جي دڙي جي آثارن کي بچائڻ لاءِ ڪم بهتر کان بهتر ڪيو وڃي، وري ٻيهر ٻن ڏينهن بعد به موهن جو دڙو جو دورو ڪندس ۽ صورتحال جو جائزو وٺندس، هن وڌيڪ چيو ته موهن جي دڙي جو تحفظ حساس نوعيت جو معاملو آهي ۽ مان به سائنسي بنيادن تي مرمتي ڪم ڪرڻ جو حامي آهيان، هن وڌيڪ چيو ته ثقافت کاتي جو صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ، سيڪريٽري ۽ ٻين اختيارين جي موهن جو دڙو جي قديم آثارن بچائڻ ۾ خاص دلچسپي آهي ۽ هنن خاص هدايتون ڏنيون آهن. موهن جو دڙو تي وڏي عرصي کان ٽيڪنيڪل عهدا خالي پيل ڏوڪري: موهن جو دڙو تي وڏي عرصي کان ٽيڪنيڪل عهدا خالي پيل آهن، جن ۾ آرڪيالاجي انجنيئر، ڊائريڪٽر، آرڪيٽيڪٽ سرويئر، ڪيمسٽ سميت ٽيڪنيڪل اهم عهدا شامل آهن. ڪم کانپوءِ ماڳ کي نقصان نه ٿيندو، ڪرپشن جا الزام اجايا آهن: عملدار احسان/نويد لانگاهه ڏوڪري: موهن جو دڙو جي عملدارن احسان عباسي ۽ نويد سانگاهه جو چوڻ هو ته 2022 ۾ پيل برسات ۾ موهن جو دڙو جي آثارن کي نقصان پهتو هو، جنهن کان پوءِ سنڌ جي ثقافت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جي حڪم تحت موهن جو دڙو جي آثارن جو ڪنزرويشن ۽ پرزوريشن جو ڪم جاري آهي، جنهن سان برسات جي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ آثارن کي نقصان نه پهچندو، هنن وڌيڪ چيو ته ڪرپشن جا الزام اجايا آهن، ملندڙ رقم مان مرمتي ڪم ڪرائي رهيا آهيون ۽ سياحن واري رقم سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائيندا آهيون. مرمتي ڪم ماهرن جي راين سان بهتر انداز ۾ ٿي رهيو آهي: عبدالفتاح شيخ ڏوڪري: ثقافت کاتي جي انچارج ڊي جي سنڌ عبدالفتاح شيخ ٻڌايو ته عظيم ماڳ موهن جو دڙو کي بچائڻ لاءِ ثقافت آرڪيالاجي پاران موهن جو دڙو جي آثارن جي بحالي لاءِ تمام گهڻا اپاءَ ورتا ويا آهن، اڳ به مرمتي ڪم ڪرايا ويا آهن ۽ هاڻي به مرمتي ڪم هلندڙ آهي، هن چيو ته مرمتي ڪم ماهرن جي راين سان بهتر انداز ۾ ٿي رهيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته هلندڙ مرمتي ڪم جي جاچ وٺڻ لاءِ آئون پاڻ به موهن جو دڙو جو دورو ڪندس ۽ صحافين کي گهرائي بريفنگ ڏني ويندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے