welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

حڪومت ايشيائي بينڪ جي رڪارڊ ۾ موجود جوهي جون 3 روڊ اسڪيمون گم ڪري ڇڏيو

ڪراچي:(سومر 30 جون 2025ع)ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي مالي سھڪار سان سنڌ ۾ 2022 جي ٻوڏ متاثر روڊن جي بحالي وارن اسڪيمن ۾ دادو ضلعي جي 42 ڪروڙ 54 لک جون ٽي اسڪيمون مڪمل غائب ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، جڏهن ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي آن لائن سسٽم تي ريڪارڊ موجود آهي، ڳوٺاڻن پاران فراڊ جا الزام هنيا ويا آهن. ان ڏ س ۾ سنڌ ۾ 2022 جي مھا ٻوڏ دوران ٽٽل روڊن جي بحالي منصوبي مان جوھي تعلقي جون ٻه ۽ ھڪ خيرپورناٿن شاھ جي اسڪيم ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ريڪارڊ م موجود آهن پر فزيڪلي بنيادن تي روڊن تي ڪاري وارا ڪک لڳا پيا آهن. ڳوٺاڻن پاران مهيا ڪيل ريڪارڊ مطابق 27 ڪروڙ 54 لک جي لاڳت سان 15 ڪلوميٽر وارو جوھي_ حاجي خان روڊ ٻئي نمبر تي ڏھ ڪروڙ 21 لک جي لاڳت جو 10 ڪلومٽر دادو _جوھي روڊ کان ڳوٺ ابراھيم لغاري جو روڊ ۽ ٽيون نمبر تي چار ڪروڙ اوڻاسي لک جي لاڳت جو خانپور کان ميرمحمد شاخ وايا احمد ٻٻر (خيرپورناٿن شاھ ) روڊ جون اسڪيمون غائب ڪيون ويون آھن، جڏھن ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ريڪارڊ جي فھرست سيريل نمبر 3 تي حاجي خان سيريل نمبر 27 تي احمد ٻٻر ۽ سيريل نمبر 28 تي ڳوٺ ابراھيم لغاري جا روڊ ڄاڻايل رقم سميت دستاويز موجود آھن. روڊن جي بحالي لاء جدوجھد ڪندڙ ڪاڇي واسي خليل احمد الزام ھنيو ته ايشياء ترقياتي بئنڪ جي جوھي حاجي خان روڊ واري اسڪيم غائب ڪئي وئي آھي ان لاء احتجاج ڪيا ڌرڻا ھنيا ھاڻ خبر پئي ته اسڪيم مڪمل گم ڪئي ويئي آھي ھي وڏو فراڊ ٿيو آھي نيب جانچ ڪري. جوھي ۽ ڪاڇي جي مسئلن تي جدوجھد ڪندڙ محمد حنيف لغاري موجب ته پ پ پ حڪومت ووٽ نه ملڻ تي انتقامي ڪارواين تحت سوين ڳوٺن کي ملائيندڙ ٽي اسڪيمون غائب ڪيون آھن سياسي ماڻھن اسڪيمن م ھيرا ڦيري ڪئي آھي ھوڏانھن اي ميل ذريعي رابطو ڪرڻ تي ايشياء ترقياتي بئنڪ جي محمد قمر لکت ۾ ٻه الڳ الڳ موقف بيان ڪيا جنھن ھن ڄاڻايو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جا سنڌ جي 19 ضلعن جون اسڪيمون جون 2026 م مڪمل ڪيون وينديون، ٻئي سوال جي جواب ۾ ڄاڻايو ته ڄاڻايل اسڪيمون سندن لسٽ ۾ شامل ئي ناھن، ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار پاران دادو ضلعي جي 87 اسيڪمن جو مڪمل ريڪارڊ ھٿ ڪري ورتو آھي جنھن ۾ مٿي ڄاڻايل 3 ئي اسڪيمون ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي لسٽ ۾ شامل آھن. پي ڊي آفيس حيدرآباد سان رابطو ڪري موقف معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جتي رابطو ٿي ناھي سگھيو. ذريعن موجب سنڌ ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي اسڪيمن ۾ وڏي پئماني تي ھيرا ڦيري ڪئي ويئي آھي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے