welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪيٽي بندر ۾ سمنڊ جو بچاءُ بند ٽٽڻ جو خطرو، ڳوٺاڻن جي لڏپلاڻ، بند مضبوط ڪرڻ جا جتن

ڪيٽي بندر:(سومر 30 جون 2025ع)ڪيٽي بندر ۾ سمنڊ جو بچاءُ بند ٽٽڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ ڳاڙھو لڳ ڳوٺ محمد علي شولاڻي ۽ ان جي ڀرپاسي وارن ڳوٺن کي بچا بند مان ٻڏڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. ڏنل بچاء بند ٽٽڻ ڪري سمنڊ جو کارو پاڻي ڳوٺن ڏانهن وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، جنهن کان پوءِ ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ٽٽل بند کي مضبوط بنائڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي مٽي سان ڀريل ڪٽن سان بند کي ٻڌي رهيا آهن، بچاء بند ڪمزور ھئڻ ڪري ڳوٺ محمد علي شولاڻي ۽ ٻين ڳوٺن کي سمنڊ جي کاري پاڻي کان خطرو وڌي ويو آهي .ڪنهن به وقت وڏي نقصان جو خطرو آهي. جنهن ڪري متاثر ڳوٺاڻن جو جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آهي. جڏهن ته ڪافي ڳوٺاڻا لڏپلا ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن .ھنن ڊي سي ٺٽو ۽ ٻين وس وارن عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته جلد ڳوٺ محمد علي شولاڻي سميت ٻين ڳوٺن کي ڏنل بچاء بند کي مضبوط ڪرايو وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے