ڪراچي:(جمعو 04 جولاءِ 2025ع)دل جي ماهر پروفيسر ڊاڪٽر نديم رضوي ڪورونا ويڪسين کي دل جي بيماري سان ڳنڍڻ جي خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي پروفيسر ڊاڪٽر نديم رضوي چيو ته نوجوانن ۾ اوچتو موت جو سبب هميشه شريانن جي بندش نه هوندي آهي، 25 سيڪڙو سبب موروثي به هوندا آهن، جڏهن ته رانديگرن جي اوچتو موت عام طور تي ٻين سببن جي ڪري ٿيندي آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي اسپتال کان ٻاهر دل جو دورو پوي ٿو ته صرف 7 سيڪڙو ماڻهو بچي سگهن ٿا، پر جيڪڏهن مريض کي 3 کان 5 منٽن اندر AEDs سان شاک ڏنو وڃي ته 50 کان 70 سيڪڙو زندگيون بچائي سگهجن ٿيون.
ڊاڪٽر نديم رضوي چيو ته نوجوانن ۾ دل جي بيماري ۾ واڌ جو ڪو به سائنسي ثبوت ناهي، ۽ نه ئي اهي موتون ڪورونا ويڪسين سان لاڳاپيل آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language