مسقط:(جمعو 04 جولاءِ 2025ع)اسرائيل سان جنگ دوران ايران جي مختلف هوائي اڏن کان مسقط منتقل ڪيل ست مسافر جهاز 15 ڏينهن بعد ايران واپس ڪيا ويا.
هوائي ذريعن موجب، اسرائيل سان جنگ دوران هوائي حدون بند ٿيڻ دوران 18 ۽ 20 جون تي ايراني معراج ايئر ۽ ايراني سرڪاري جهازن کي مسقط ايئرپورٽ منتقل ڪيو ويو.
خميس 3 جولاءِ جي شام جو ست جهاز هڪ ٻئي پٺيان مسقط کان اڏامندا رهيا. انهن مان ٻه ايران جي چابهار ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيا. هڪ ايراني سرڪاري جهاز مشهد ۽ ٻيو زاهدان ۾ لينڊ ڪيو. ٻيا جهاز به ايران جي زاهدان ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيا.
هوائي ذريعن موجب، معراج ايئر جي هڪ جهاز کي مسقط ايئرپورٽ تي فني خرابي جو شڪار ٿيو آهي ۽ ان کي گرائونڊ ڪيو ويو آهي، ۽ فني خرابي کي درست ڪرڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language