ڀرياسٽي:(ڇنڇر 28 جون 2025ع)ڀرياسٽي ڀرسان پورھيت غربت کان تنگ اچي گهر ۾ ڦاهو کائي آپگھات ڪري ڇڏيو، خبر موجب ڳوٺ اگڻايو ڌوئنرو ۾ اڌڙوٽ شخص لکمير خان پٽ درس ڌوئنرو گهر جي ڇت ۾ ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، لکمير ڌوئنرو جي ڀاءُ سليمان ڌوئنرو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڀاءُ ڏهاڙيدار مزدوري ڪندو هو، ڪافي ڏينھن کان پريشان ھو، بيروزگاري کان تنگ اچي گذريل رات دير سان گهر جي ڇت ۾ رسي سان ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو، پورھيت جي انتهائي قدم کڻڻ سبب گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language