خضدار:(ڇنڇر 28 جون 2025ع)بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ مينگل قبيلي سان تعلق رکندڙ اهم سياسي ۽ قبائلي شخصيت مير عطاالرحمان مينگل جي قتل جي ايف آءِ آر ۾ مينگل قبيلي جي سردار اسدالله مينگل، بي اين پي جي سربراهه سردار اختر مينگل جي پٽ مير گورگين مينگل سميت وڍ سان واسطو رکندڙ 6 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو. ايف آءِ آر محمد جان نالي شخص جي فرياد تي وڍ جي آڙنجي ليويز ٿاڻي ۾ داخل ڪئي وئي ، جنهن ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته جوابدار ڪلاشنڪوفن سان حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ مير عطاالرحمان مارجي ويو، جڏهن ته سندس پٽ مطيع الرحمان زخمي ٿي پيو. ايف آءِ آر موجب واقعو کانپوءِ جوابدار گاڏين ۾ فرار ٿي ويا، مير عطاالرحمان کي ڪجهه ڏينهن اڳ وڍ جي آڙنجي علائقي ۾ قتل ڪيو ويو هو. واضح رهي ته ان حملي جي ذميواري پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل اي قبول ڪئي هئي، پر ايف آءِ آر ۾ سردار اختر مينگل جي ڀائيٽي، پٽ ۽ سندس ساٿين کي نامزد ڪيو ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language