
سکر:(ڇنڇر 28 جون 2025ع)سول اسپتال سکر جي آپريشن ٿيٽر ۾ سهولتن جي اڻاٺ، آپريشن دوران ٻن ملازمن پاران ڊاڪٽر ۽ مريض کي گرمي کان بچڻ لاءِ فائلز ذريعي هوا هڻڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي، ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب بجلي جي بندش سبب چئن مريضن جا آپريشن به ملتوي ڪيا ويا، جڏهن ته آپريشن ٿيٽر ۾ شديد گرمي دوران آپريشن سبب مريض سان گڏ ڊاڪٽر توڙي عملو به پريشاني کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهي، آپريشن ٿيٽر ۾ بجلي بندش دوران به اسٽينڊ باءِ جنريٽر نه هلڻ معمول بڻجي ويو آهي، جيتوڻيڪ جنريٽر توڙي فيول جي مد ۾ هڪ وڏي رقم خرچ ٿيڻ جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي، مليل ڄاڻ موجب ملتوي ٿيل آپريشنز سبب متاثر دانهن کڻي ايم ايس آفيس پهتا پر ايم ايس آفيس ۾ موجود نه هو، جڏهن ته ڊاڪٽرن ۽ عملي به اسپتال انتظاميا کي بجلي جي بندش دوران متبادل بندوسبت نه ٿيڻ تي ڪم جو بائيڪاٽ ڪرڻ جي به ايم ايس کي ڌمڪي ڏني، سول اسپتال جي مختلف وارڊز ۾ لڳل پکا به چڱي ريت ڪم ناهن ڪندا، جنهن ڪري اڪثر مريض ڪرائي تي بجلي جو پکو کڻي اچڻ تي مجبور آهن، اهڙي طرح مختلف وارڊز ۾ ايئرڪنڊيشنز نالي ماتر لڳل هونديون آهن پر اُهي هلنديون ناهن. جڏهن ته بجلي جي بندش دوران فيول بچائڻ ۽ مبينا ڪرپشن سبب جنريٽر به ناهي هلايو ويندو، سول اسپتال سکر جي ميڊيڪل سپريٽينڊنٽ ڊاڪٽر اختيار ميراڻي مطابق اسپتال جي بجلي هڪ ڪلاڪ بند ٿي هئي، جنھن دوران پريشاني ٿي، آپريشن به ملتوي ٿيا هوندا پر کيس وڌيڪ ڄاڻ ناهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language