
پنوعاقل:(ڇنڇر 28 جون 2025ع)پنوعاقل ڀرسان ڏوھارين ھٿان 4 دوست يرغمال، ڦرلٽ، ذاتيون پڇا ڪرڻ بعد ڏوھاري ھڪ کي مبينا اغوا ڪري ٽن نوجوانن کي رسن سان ٻڌي انبن جي باغ ۾ ڦٽو ڪري ويا، خبر موجب پنوعاقل جي سٽي ٿاڻي جي حد فروٽ فارم لڳ قومي شاهراهه تان چانھن پي گھر واپس ويندڙ چئن دوستن کي ڏوھارين پاران يرغمال بڻائي ڦرلٽ ڪرڻ بعد ھڪ نوجوان کي مبينا طور اغوا ڪري ويا، اڳوڻي ناظم شاھنواز مھر جي پٽ ياسر مھر، طاھر مھر، پرويز چاچڙ ۽ معشوق قاضي کان ڏوھارين ذاتيون پڇا ڪري ٽن کي ڇڏي ھڪ نوجوان معشوق قاضي کي اغوا ڪري آھن، جڏھن ته ٻين ٽن نوجوانن کي رسن سان ٻڌي انبن جي باغ ۾ اڇلائي ڇڏيو، اغوا کان بچي ويل نوجوان طاھر مھر جو چوڻ آھي ته پنجن ھٿياربندن اڳ جھلي يرغمال بڻائڻ بعد ڦرلٽ ڪري رسن سان ٻڌي اسان کان ذاتيون پچڻ بعد معشوق قاضي کي اغوا ڪيو، ٻئي پاسي نوجوان جي اغوا جو ٻڌي سندس وارث ۽ مھر برادري جا ماڻھو وڏي انگ ۾ ٿاڻي تي پھتا، جتي نوجوان جي اغوا ۽ موبائلن جي ڦرلٽ جي رپورٽ داخل ڪرائي وئي، ڊي ايس پي پنوعاقل ڊاڪٽر موسيٰ ابڙو جو چوڻ آھي ته جيو فينسنگ سميت موبائلن جي لوڪيشن ۽ سي ڊي آرز گھرايون ويون آھن، معاملو ڪجھه مشڪوڪ لڳي رھيو آھي، گھڻ رخي جاچ ڪريون پيا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language