
حیدرآباد:(ڇنڇر 28 جون 2025ع)سنڌ ۾ ٻئي ڏينهن به گجگوڙ سان برسات دوران مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ 9 ڄڻا فوت، ٿر ۾ وِڄ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 30 کان وڌيڪ ٻڪريون مري ويون، ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان برسات بعد هيٺانهين وارا علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، انتظامي نااهلي شهرين لاءِ برسات جي رحمت کي زحمت بڻائي ڇڏيو، حيدرآباد ۾ ٻئي ڏينهن به گجگوڙ سان برسات انتظاميا جي پتُ وائکي ڪري ڇڏي، روڊ رستا تلاءِ جو ڏيک ڏيڻ لڳا، هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، ٺٽي ۾ وقفي وقفي سان برسات بعد مين باءِ پاس وٽ قومي شاهراهه پاڻيءَ جي تلاءِ ۾ تبديل ٿي ويو، درياهه خان مري جي مين بازار سوڌو مختلف پاڙن ۾ برساتي پاڻي بيهجي ويو، پاڻي گهرن ۾ داخل، نوابشاهه ۾ گجگوڙ سان برسات بعد روڊ رستا پاڻيءَ جي تلاءِ ۾ تبديل ٿي ويا، تاج ڪالوني، ڀنگوار پاڙو، غريب آباد ۽ ٻيا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، ماڻهو بالٽين سان گهرن مان پاڻي ڪڍڻ تي مجبور ٿي ويا. سکر، لاڙڪاڻو، سانگهڙ، گهوٽڪي، ڄامشورو ۽ ٻين علائقن ۾ برسات بعد روڊ رستا پاڻي هيٺ، سرهاڙي، سٺ ميل، نيو سعيد آباد، ڀٽ شاهه، نوان جتوئي، ڦلجي اسٽيشن، ڪوٽ لالو، جروار، ڀٽ شاهه، هالا، سرهاڙي، دوڙ ۽ ٻانڌي ۾ برسات سبب روڊ رستن ۽ گهٽين ۾ پاڻي بيهجي ويو، قاضي احمد، مورو، ڦُل، فيض گنج، ٽنڊو آدم ۽ دوڙ ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات موسم کي خوشگوار ڪري ڇڏيو، ٿر ۽ ڪاڇي ۾ ٻئي ڏينهن به برسات جاري رهي، ڪاڇيلن ۽ ٿر واسين جون مُرڪون موٽي آيون، واهي پانڌي، قصبو، ڦلجي اسٽيشن ۽ ٻين ڪاڇي جي علائقن ۾ وسڪارو، کيرٿر جابلو پٽيءَ تي برسات بعد نئين گاج 4 فُٽ وهي آئي. ڪراچي جي لياري جي علائقي ٻڪرا پڙي پل هيٺان ديوار ڪرڻ ملبي هيٺان دٻجي هڪ شخص فوت ٿي ويو. ٻئي طرف سائيٽ ايريا جي علائقي ليبر اسڪوائر ۾ فيڪٽري اندر ڪرنٽ لڳڻ سبب 22 سالن جو ڪامران پٽ اصغر فوت ٿي ويو، فوتين جا لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا حيدرآباد ۾ گذريل ڏينهن کان شروع ٿيل برساتن سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر جي 25. لک کان مٿي آبادي جي زندگي مفلوج بڻائي ڇڏي 48 ڪلاڪن کان ھلندڙ برساتن سبب شھر جي اڪثر علائقن ۾ بجلي اڻلڀ شھر جي اڪثر علائقن نئين پل .مڪي شاھ پٺاڻ ڪالونيءَ.لياقت ڪالونيءَ نوراني بستي لطيف آباد جي مختلف علائقن توڙي قاسم آباد ۾ ڪيترن ئي ھنڌن تي برساتي پاڻي بيٺل آهي برساتن ۽ بجلي جي بندش سبب شھر ۾ انٽرنيٽ جي سروس به سخت متاثر ٿي آهي ۽ لکين ماڻهو سوشل ميڊيا کان ڪٽجي ويا آهن، بدين شھر سميت ضلع جي شھرن ڪڍڻ، سيراڻي ٻھڊمي، کورواھ، ڪڙيوگھنور، ترائي، راھوڪي، احمد راڄو ، زيرو پوائنٽ ۽ ساحلي پٽي جي علائقن ۾ تيز ھوا ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات جاري رھي، وسڪاري سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي آھي، ٺٽو ، مڪلي ۽ ان جڀرپاسي وارن شهرن ڇتوچنڊ، فقيرجوڳوٺ، چليا، ڪينجهر ، سونڊا، جھرڪ، جهمپير ، جنگشاهي، گل منڊا، غلام الله، ور ، گھوڙاٻاري ، پيرپٺو ، گلي موري، اداسي، ڳاڙهو، بگھاڙ موري، گجو، اونگر، ٽنڊوحافظ شاھه ۽ ٻين ڪيترن ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ سانوڻي مند جو برساتي سلسلو ٻئي ڏينهن به جاري رهيو، ميھڙ ، فريدآباد ، ٿرڙي محبت، راڌڻ، نئون ڳوٺ ، شاهه پنجو ، سنڌي ٻٽڙا ، قاضي عارف سميت تعلقي ميھڙ جي ڪچي ۽ ڪاڇي وارن علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي آھستي سانوڻي جي برسات جو وسڪارو پوڻ سبب هيٺائين وارن علائقن ۾ شھرن ، بازارن ، مارڪيٽن ، سرڪاري عمارتن روينيو آفيس، مارڪيٽ ڪاميٽي يونين ڪائونسل آفيس ، تعليم کاتي سميت ٻين آفيسن ۾ به پاڻي بيھجي ويو. برسات سبب سرڪاري آفيسن جو ڪارونهوار به نه ھلي سگھيو ملازم آفيسن تائين پھچي نه سگھيا تيز برسات سبب مواصلاتي نظام درھم برھم ۽ ڪارونهوار ٺپ رھيو آھي، ڪڙيوگهنور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٻئي ڏينهن به برسات جو زوردار وسڪارو جاري رهيو، جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي ويئي جڏهن ته بجلي غائب ، مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويون، هارين ۽ آبادگارن جي منهن تي مرڪون موٽي آيون. گولاڙچي سميت کورواھ، ترائي، راھوڪي، احمد راڄو ، زيرو پوائنٽ ۽ ٻين علائقن ۾ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات جاري رھي، جڏھن ته بجلي جي ٿنڀي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب چڪ 4 جو رھواسي 40 ورهين جو ڳوٺاڻو عبدالڪريم جت فوت ٿي ويو، جنھن لاش تعلقي اسپتال مان چڪاس بعد وارث کڻائي ويا. ڪيٽي بندر . ٻگھاڻ ۽ ساحلي پٽيوارن علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات جو سلسلو جاري رهيو، جڏهن ته ٻگھاڻ . ڳاڙھو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بجلي جو ڊگهو بريڪ ڊائون ٿيو آهي، ٽنڊوباگو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به تيز برسات جو وسڪارو جاري رهيو. برسات سبب ٽنڊوباگو شھر جي شاهي بازار ۾ گوڏي جيڏو پاڻي جمع ٿي ويو. ڪيترن ئي دڪانن جي ڇپرا ۽ ڪکاون گهرن جون ڇتيون اڏامي ويون، ٽنڊوباگو شھر جي وارڊ نمبر 2 مير محله ۾ اسد الله خاصخيلي جي گھر جي ديوار ڪرڻ سبب گهر جا ڀاتي معجزنا طور تي بچي ويا. سيراڻي شهر ۾ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ٻئي ڏينهن تي به برسات جو وسڪارو ٿيو آهي برسات سبب سامونڊي پٽي جا 50 کان مٿي ڳوٺن جي ڪچا رستن تي آمدرفت معطل ٿي وئي آهي، اڏيرولال اسٽيشن ۽ ڀرپاسي ٻئي ڏينھن به وقفي وقفي سان ڪنھن مھل ھلڪي ته ڪنھن مھل تيز برسات جاري رھي، سانگهڙ، چوٽياريون، کپرو، شهدادپور، ٽندو ادم، ورڪشاپ، منڊ جمڙائو سميت ٻين شهرن ۾ سانوڻي جو پھريون وسڪارو پيو، قاضي احمد ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ وڏ ڦڙو پيو، دوڙ ۾ وقفي وقفي سان زوردار برسات جا وسڪارا پيا، جنهن بعد گرميءَ جو زور ٽٽي پيو، سرھاري ۾ برسات جو زوردار وسڪارو پيو، سٺ ميل ۾ برسات جو وسڪارو ٿيڻ بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو، فيض گنج تعلقي جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات پئي، ڄام صاحب شهر ۽ آسپاس جي علائقن ۾ سانوڻي جي برسات پئي، دريا خان مري، ڦل ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ تيز ھوا سان برسات جو وسڪارو ٿيو، ڪوٽ لالو ۽ ڀرپاسي جي علائقن تيز طوفاني برسات پئي، جنهن سبب گهٽين ۽ رستن تي پاڻي بيهجي ويو، ٽنڊوآدم ۾ برسات سبب شھر جي هيٺاهين وارا علائقا ڳوٺ خير محمد مري، گلزار ڪالوني، محمدي ڪالوني، رشيد ڪالوني، الهيار ڳوٺ، سبزي منڊي سميت ٻين هنڌن تي برساتي پاڻي بيهجي ويو، سنڌڙي ۾ برسات سبب ڪچن گهرن جا ڇپرا اڏامي ويا، ٽنڊوجان محمد جي ٻھراڙي واري وارڊ نمبر 4 ڳوٺ مير يار محمد ٽالپر ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب جمعون ۽ ڀوڄو ريٻاري جا 10 اٺ مري ويا، ڪنري ۾ ٻئي ڏينھن به برسات جو وسڪارو ٿيو، ڳوٺ نواب مظفر ٽالپر ۾ وڄ ڪرڻ جي نتيجي ۾ نينگريءَ فوت ٿي وئي، فوتي جي سڃاڻپ 14 ورھين جي پونا ڌيءَ جيتمال ڀيل طور ڪئي وئي. مٺي ويجهو ڌرم ويري ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب سگھرام ميگهواڙ جون 12 ٻڪريون مري ويون، پانٽيا ۾ ڳوٺاڻي پريم سنگھه جون 9 ٻڪريون مري ويون،برسات دوران آسماني بجلي ڪرڻ سبب ڳوٺ ساڪرويرو ۾ اندر سنگھه جي گھر تي وڄ ڪرڻ جي نتيجي ۾ سندس زال فوت ٿي وئي. مٺي ۾ برسات 53 ملي ميٽر ،اسلام ڪوٽ ۾ 30 ملي ميٽر، ڏاهلي ۾ 23، ڪلوئي ۾ 22 ڇاڇرو ۾ 15 ڏيپلو ۾ 8 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. ڍورونارو ۾ برسات دوران گرھوڙي هوٽل جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي، هوٽل جي ڇت ڪرڻ سبب هوٽل ۾ پيل فرنيچر ۽ بيٺل موٽرسائيڪل کي سخت نقصان پهتو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language