
ڪراچي:(ڇنڇر 28 جون 2025ع)بحريا ٽائون ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران سروي ڪرڻ بابت جوڙيل ڪاميٽي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي، بحريا ٽائون پاران سروي خلاف چيلينج واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، درخواست تي عدالت حڪم امتناع جاري ڪري ڇڏيو، عدالت ڊي جي ايس بي سي اي، ايم ڊي اي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کان 28 آگسٽ تي جواب طلب ڪري ورتو، بحريا ٽائون جي وڪيل فاروق ايچ نائڪ چيو ته ڊي جي ايس بي سي اي پاران 19 مئي تي بحريا ٽائون جي سروي ڪرڻ لاءِ 11 رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، جسٽس اقبال ڪلهوڙو چيو ته ڇا پهرين ڪڏهن بحريا ٽائون جي سروي ٿي هئي؟ عمارتون ڪيئن ٺاهيون ويون؟ پهرين ته سروي ٿيڻ گهرجي، خلاف ورزي ٿي آهي يا نه، اها بعد جي ڳالهه آهي. وڪيل فاروق ايچ نائڪ چيو ته ڊي جي ايس بي سي اي کي ڪميٽي جوڙڻ ڏيڻ جو ڪو به اختيار ناهي، بحريا ٽائون خلاف ڪاميٽي تشڪيل ڏيڻ غير قانوني آهي، رهواسين کي حراسان ڪيو وڃي، جڏهن اتي هزارين ماڻهون رهائش پذير آهن، عدالت چيو ته بحريا ٽائون ڪيترو پکيڙيل آهي؟ ۽ هو ڪنهن کي اندر اچڻ جي اجازت به نٿا ڏين، جاچ ته ٿيڻ گهرجي، وڪيل چيو ته ڪهڙي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي، اهو نٿو ٻڌايو وڃي، درخواستگذار کي گهر ۾ گهڙي حراسان ڪيو پيو وڃي، ڪهڙي قانون تحت بحريا ٽائون خلاف ڪميٽي تشڪيل ڏني وئي آهي؟ اهو قانون ته ٻڌايو؟ سپريم ڪورٽ ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ چيو هو ۽ ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل به ٿي چڪو آهي، بحريا ٽائون هر هڪ اداري سان جاچ ڪرڻ ۾ سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language