welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڀارت کي وڏي شڪست: سنڌ طاس معاهدو هڪطرفو معطل ڪرڻ درست ناهي: عالمي ثالثي عدالت پاران پاڪستاني موقف جي حمايت

دي ھيگ/ لنڊن / اسلام آباد:(ڇنڇر 28 جون 2025ع)سنڌ طاس معاهدي تي عالمي ثالثي عدالت پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪندي ڀارت پاران معاهدي کي هڪطرفي معطل ڪرڻ واري قدم غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو. پاڪستان حڪومت طرفان سنڌ طاس معاهدي تي ثالثي عدالت جي فيصلي جي آجيان ڪري ڇڏي، تفصيل موجب ثالثي عدالت فيصلي ۾ چيو ته سنڌ طاس معاهدي جي حوالي ثالثي عدالت جو ڪردار نمايان آهي، هندستاني قدم سان عدالت جي فيصلي سازي جي حيثيت بلڪل متاثر ناهي ٿي، ڪنهن ڌر جي معاهدي معطلي واري هڪطرفي فيصلي سان عدالت ڪارروائي نٿي روڪي سگهي، عدالت سنڌ طاس معاهدي تي فيصلا سازي جاري رکندي، عدالت سنڌ طاس معاهدي جو جائزو ورتو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ طاس معاهدي ۾ هڪ طرفي طور تي ان کي معطل جي شق شامل ناهي، مسئلن جي حل ۾ ثالثي جي ڪردار کي روڪڻ جي ڪوشش تڪرار جي حل جي لازمي شق جي ڀڃڪڙي آهي. وڌيڪ چيو ته سنڌ طاس معاهدي ۾ هڪ طرفي ٽياڪڙي ڪارروائي روڪڻ جو ڪو حق حاصل ناهي. سنڌ طاس معاهدي جي تڪرارن جي حل لاءِ ثالثي عدالت پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. ڀارت ٽياڪڙ عدالت جي ڪارروائي معطل جي استدعا ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو. ، ڀارت پاران معاهدي کي يڪطرفي طور معطل ڪرڻ ۽ ثالثي عدالت جي ڪردار کي محدود ڪرڻ وارو قدم درست قرار نه ڏنو ويو. حڪومت پاڪستان پاران مستقل عدالت برائي انصاف (Permanent Court of Justice) جي تحت حڪومت پاڪستان، سنڌ طاس معاهدي بابت ثالثي عدالت جي فيصلي ۾ پاڪستان جي موقف جي حمايت کي خوش آئند قرار ڏنو آهي، ۽ ڀارت جي طرفان معاهدي کي يڪطرفي طور معطل ڪرڻ جي ڪوشش کي غير قانوني قرار ڏيڻ جي تعريف ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو هن معاملي تي واضح موقف آهي ته پاڪستان، ڀارت سان جمون ۽ ڪشمير، پاڻي، واپار ۽ دهشتگردي سميت سمورن تڪراري مسئلن تي بامعنيٰ ڳالهين لاءِ تيار آهي. اسلام آباد (م ڊ) پاڪسستان سنڌ طاس معاهدي بابت عالمي عدالت جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ڀارت جي پت وائکي ٿي وئي آهي ڀارت کي سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جو ڪو حق نه آهي ۽ نه ئي هو هڪ طرفو ائين ڪري سگهي ٿو. جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي موقف جي فتح ٿي آهي. پاڻي تي ڌاڙو برداشت نه ڪيو ويندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے