welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اسرائيل سان جنگ ۾ شهيد ٿيندڙ ايراني ڪمانڊرن ۽ سائنسدانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

تھران:(ڇنڇر 28 جون 2025ع)اسرائيل سان جنگ دوران شهيد ٿيندڙن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. ايران جي گادي واري شهر تهران ۾ ڇنڇر ڏينهن اعليٰ فوجي ڪمانڊرن سميت 60 شهيدن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ هزارين شهري شرڪت ڪئي. ان کان علاوه، ايران-اسرائيل جنگ دوران شهيد ٿيندڙ ايراني ايٽمي سائنسدانن جي جنازي نماز پڻ ادا ڪئي وئي. ايراني ميڊيا موجب، شهيدن جي لاشن کي ايراني جهنڊي ۾ ويڙهيو ويو ۽ شهيدن جون تصويرون پڻ آويزن ڪيون ويون. اسرائيل سان جنگ ۾ شهيد ٿيندڙ ايراني ڪمانڊرن ۽ سائنسدانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي
ايراني ميڊيا ٻڌايو ته سرڪاري عملدارن، فوجي قيادت ۽ قدس فورس جي ڪمانڊر اسماعيل قاآني به جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته اسرائيل سان 12 ڏينهن جي جنگ ۾ ايران جي اعليٰ فوجي قيادت ۽ 17 ايٽمي سائنسدانن سميت 600 کان وڌيڪ شهري شهيد ٿيا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے