welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪار پارڪ ٿيل جهاز سان ٽڪرائجي وئي

ڪراچي:(ڇنڇر 28 جون 2025ع)ڪراچي ايئرپورٽ تي بيٺل هڪ بين الاقوامي ڪارگو ڪمپني جي جهاز سان هڪ گاڏي ٽڪرائجي وئي. ايئرپورٽ ذريعن موجب، جهاز پارڪنگ ۾ بيٺو هو جڏهن هڪ لوڊر ٽرڪ اوچتو جهاز سان ٽڪرائجي ويو. ممڪن آهي ته لوڊر ٽرڪ جون بريڪون ناڪام ٿي ويون هجن. ايئرپورٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي کان پوءِ جهاز کي گرائونڊ ڪيو ويو آهي، ۽ نقصان جو جائزو ورتو پيو وڃي. هوائي جهاز جي عملدارن جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے