ننگرپارڪر:(جمعو 27 جون 2025ع)سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ننگرپارڪر ڪجھه ڏينهن اڳ امتحاني سينٽر اندر ماستر ونود ڪمار سان بدتميزي جي ڪيس ۾ جوابدار منظور جوڻيجو کي 2 سال قيد 10 ھزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ڏنڊ نه ڏيڻ جو صورت ۾ وڌيڪ 2 مھينا سزا لڳندي جوابدار کي ميرپورخاص جيل منتقل ڪيو ويو، واضح رهي ته ڏانوڌاندل امتحاني سينٽر تي امتحان دوران استاد ونود ڪمار کي منظور جوڻيجو چماٽ هئني هئي ۽ استاد جي تذليل جي واقعي جو سيشن جج ٿرپارڪر نوٽيس ورتو هو .
0 تبصرے
Do not use vulgar language