welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

خيرپور ۾ نجي ٽي وي رپورٽر ۽ ڪيميرا مين تي قاتلاڻو حملو، 4 ڄڻا سخت زخمي

خيرپور:(جمعو 27 جون 2025ع)نجي ٽي وي ۽ اخبار خيرپور جي عيوضي مٿان گورنمينٽ ناز هاءِ اسڪول ڀرسان مصروف ترين اسٽيشن روڊ تي 15 کان وڌيڪ بروهي برادريءَ جي هٿياربندن قاتلاڻو حملو ڪيو. هٿيارن جي زور تي ڪار کي روڪي پستولن جي بٽن، ڪلپس ذريعي عرفان ڦلپوٽو، ڪئمرامين فرحان ميتلو، صحافي زبير سومرو ۽ اڪبر مٿان حملو ڪري کين رتورت ڪري ڇڏيو. اطلاع ملڻ بعد خيرپور پريس ڪلب جو سرپرستي اعلي خان محمد خان، صدر غلام قادر سومرو، خان محمد سولنگي ۽ ٻيا صحافي، ڪئمرامين وڏي انگ ۾ سول اسپتال خيرپور پهچي ويا. سينيئر صحافي عرفان ڦلپوٽو جو چوڻ آهي ته هو ڪار ۾ پنهنجي ڪئمرامين ۽ صحافي دوستن سان گڏ آفيس وڃي رهيو هو ته هٿياربندن کيس روڪيو، خبرون ٿو هلائي ۽ اسان جي گاڏيءَ کي ٽڪر هنيو آهي جو چئي اسان مٿان حملو شروع ڪري ڏنو، اسان کي رتورت ڪرڻ کانپوءِ گاڏيءَ مان موبائيل فونز ۽ ٻيو سامان کڻي فرار ٿي ويا. ڪئمرامين فرحان ميتلو ٻڌايو ته جيئن هٿياربندن اسان جي گاڏي روڪي ته مون ون فائيوَ انچارج ۽ حد جي ٿاڻي تي فون ڪئي پر اِن باوجود پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي، جڏهن اسان ميڊيل ليٽر وٺڻ لاءِ ٿاڻي پهتاسين ته اُهي هٿياربند به پٺيان ٿاڻي تي پهتا پر پوليس اِن باوجود اُنهن کي گرفتار نه ڪيو. صحافين سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي حملي آوارن کي گرفتاري ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے