
ڪراچي:(جمعو 27 جون 2025ع)سنڌ ۾ سانوڻي جي برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ گرمي جو زور ٽٽي ويو آهي، ان ڏس ۾ ٽنڊوڄام مظفر آباد ڪالوني ۾ برسات پوڻ کانپوءِ مدرسي جي ڇت طوفان سبب ڌماڪي سان ڪري پئي ٻه کٿابي 7 سالن جو زين خانزادہ ۽ وسيع الله فوت ٿي ويا، 10 سالن جي احسن، محمد زين، محمد عمران، صيف ﷲ، ريحان علي، نقي ﷲ ،عمر غل، جهانگير علي، حضرت غل، مسافه عمر، بلاول سميت ٻيا زخمي ٿي پيا، سمورن زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جڏھن ته اطلاع ملڻ تي پوليس، ايمبولنس وڏي انگ ۾ پهچي ويون، اکين ڏٺي شاهدن موجب طوفان سبب مدرسي جي ڀرسان گهر جي ڇت مدرسي جي ڇت مٿان ڪري پئي، جنهن سبب ٽيئر گاڊر تي مستقل مدرسي جي ڇت ڪري پئي، مدرسي اندر کٿابي تعليم حاصل ڪري رهيا هئا ته اچانڪ واقعو پيش آيو، واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس، رينجر ۽ ريسڪيو جا جوان به امدادي ڪاروائي لاء مدرسي پهتا، جڏھن ته ٽنڊوڄام اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ جي شڪايت سبب سمورن زخمين کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو هيو، هوڏانهن آخري اطلاعن موجب چئن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جڏھن ته فوتي ٻارڙن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.بدين شھر ۽ ڀر پاسي جي علائقن ۾ تيز ھوائن سان گڏ تيز برسات پوڻ شروع ٿي ويئي ،برسات پوڻ کان اڳ بدين شھر سميت ضلعي جي ننڍن وڏن شھرن ۽ ٻھراڙي جي علائقن ۾ معمول موجب بجلي بند تي ويئي، تيز برسات پوڻ سبب بدين شھر جو ڊرينيج نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو، جهوڪ شريف ۽ ان جي آس پاس تيز هوا سان گڏ برسات گرمي جو زور ٽٽي ويو بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو، ٺٽو ، مڪلي ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سخت گرميءَ بعد گجگوڙ ، کنوڻ ۽ طوفان سان گڏ سانوڻي مند جو پهريون تيز برسات جو وسڪارو شروع ٿيو ، برسات جي وسڪاري سبب ٺٽي شهر جي هيٺائين واري پاسي برساتي پاڻي بيهجي ويو آهي جڏهن ته برسات جي وسڪاري شروع ٿيندي ئي بجلي پڻ بند ٿي وئي آهي، ڪڙيوگهنور ۽ ان جي آس پاس تيز طوفان سان گڏ برسات جو زوردار وسڪارو جاري ، برسات سبب موسم خوشگوار ، تيز طوفان سبب ڪيترن ئي ڪچن گهرن جون ڇتيون ۽ ڇپرا اڏامي ويا ، بجلي غائب ٿي وئي، سجاول ۾ سانوڻ جو پھريون زوردار وسڪارو، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان سانوڻ جي پھرين زوردار وسڪاري سبب موسم خوشگوار ٿي وئي جڏھن تہ سخت گرمي ۽ حبس جي ستايل شهرين جا چھرا ٻهڪي پيا، ماتلي ۾ تيز طوفاني ھوا سان گڏ ھڪ ڪلاڪ برسات جو زوردار وسڪارو صبح کان قھر جي گرمي رھندڙ جو زور ٽٽي ويو، ميرپوربٺورو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات جو سلسلو جاري، گرمي جو زور ٽٽي ويو، برسات جي پھرئين وسڪاري سبب موسم انتھائي خوشگوار بڻجي وئي، سيراڻي شهر جي سامونڊي پٽي سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مٽي تيزطوفاني هوا سان گڏ زوردار برسات جو وسڪارو ٿيو آهي، نيوسعيدآباد ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ تيز مٽي جي طوفان کانپوء تيز برسات وقفي وقفي سان جاري رھي طوفان سبب دڪانن جا ڇپڙا سولر جون پليٽون اڏامي ويون برسات بعد موسم خوشگوار ٿي ويئي ۽ ھيٺئين علائقن ۾ پاڻي بيھي ويو، ٽنڊوالهيار ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ شديد مٽي جي طوفان کانپوء تيز برسات جو وسڪارو ڪيترن ئي علائقن ۾ سائن بورڊ ڇپرا اوڏامي ويا ڪچا ۽ ڪکاوا گهر ڪرڻ جا اطلاع انڙ پاڙي ۾ گهر جي ڀت ڪري پئي جنهن جي هيٺان اچي 22 وريهن جو نوجوان جميل زخمي ٿي پيو ٽنڊو محمد خان شھر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز طوفان ۽ گجگوڙ سان برسات جو تيز وسڪارو جاري گرمي جو زور ٽٽي پيو بجلي۽مواصلات جو نظام درھم برھم ٿي ويو، اڏيرولال اسٽيشن ۽ آس پاس جي علائقن ۾ مٽي جي طوفان سان تيز ھوائون لڳيون، جنھن سبب ڇتن تي پيل سولر پليٽون ڪري پيون، ڪوٽڙي ۽ ڀرپاسي طوفاني برسات پئي، جنهنڪري گرميءَ جو زور ٽُٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن تہ برسات دوران بجليءَ جو نظام درهم برهم ٿي ويو، ڄامشو
ڄامشوري شھر سميت ضلعي جي مختلف علائقن ۽ ڀرپاسي طوفاني برسات پئي، جنهنڪري گرمي جو زور ٽُٽي ويو ۽ موسم خوشگوار بڻجي وئي. برسات سان گڏ تيز هوا پڻ هلڻ سبب جتي ماڻهو ساه پٽڻ شروع ڪيو، اتي ڪيترائي نقصانات پڻ پيش آيا. ٽنڊو غلام حيدر ڀرپاسي واري علائقن ۾ تيز طوفان سان گڏ تيز برسان شروع ڪيترئني ڪکائون گهرن جو ڇتيون دڪانن جا ڇپرا سولر پليٽون اڏامي ويا ڪيترائي وڻ ڪري پٽ پئجي ويا، ڀٽ شاھ جي نگري سميت آسپاس تيز مٽي جي طوفاني سان گڏ برسات جو زوردار وسڪارو شروع ٿي ويو تيز مٽي جي طوفاني هوائن سان ڪيترائي ڪچا ڇپرا اڏامي ويا ۽ وڻ به ڪري پيا، گلاب لغاري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز طوفان سان گڏ زوردار برسات جو وسڪارو گرمي جي شدت ۾ گهتائي اچڻ بعد موسم خوشگوار ٿي ويئي جڏهن ته بجلي توڙي موصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو، ٽنڊو غلام علي ۽ آسپاس جي مختلف علائقن ۾ طوفاني برسات جو زوردار برسات پئي، يارولنڊ ويجھو تيز طوفان ۽ برسات سبب گھر جي ڀت ڪرڻ سبب نينگري ڀت ھيٺيان اچي دٻجي فوت ٿي وئي. ان ڏس ۾ ڳوٺ قربان مھر ۾ پورھيت ڪشمير عرف موڏو ميگهواڙ جي گھر جي ڀت ڪرڻ سبب راند ڪندڙ معصوم نينگري 10 سالا شوانا ڀت ھيٺيان اچي دٻجي ويئي، جنھن کي بيھوشي جي حالت ۾ لانڍيومھر جي پرائيوٽ اسپتال ۾ آندو ويو جتي نينگري فوت ٿي ويئي نينگري جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، سکر ۾ هوا سان گڏ مٽي جو طوفان، تيز هوائن سبب سائن بورڊ، بجلي جا ٿنڀا ڪري پيا. نتيجي ۾ ڇهن ڪلاڪن تائين مختلف علائقن بجلي جي فراهمي معطل رهي. روهڙي: ٻٻرلوءِ ويجهو سم نالي واري علائقي جي رهواسي 4 ورهين جو معصوم نينگر اياز علي ڦلپوٽو گهر ٻاهران راند کيڏي رهيو هو ته اوچتو طوفان اچڻ ڪري منور ڦلپوٽو جي گهر جي ڀت ڪري پئي جنهن سبب معصوم نينگر ديوار هيٺان اچي ويو جنهن سبب هو دٻجي ڪري ٿڌي تي ئي فوت ٿي ويو نينگر جي فوت ٿيڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي، رپڙي ڀرسان تيز طوفان دوران چلھ مان چڻنگ اٿڻ سبب ڪکائين گهر کي باھ لڳي وئي، رپڙي ڀرسان ڳوٺ صادق ڪلھوڙو ۾ تيز طوفان سبب چلھ مان چڻنگ اٿڻ سبب ڳوٺاڻي ڪريم ڏنو ڪلھوڙو جي ڪکائين گهر کي باھ لڳي وئي، جنهن سبب گهر ۾ پيل ھنڌ بسترا کٽون ڪپڙا اناج ۽ ٻيو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو، ڳوٺاڻن باھ وسائي وڌيڪ گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو، جڏهن ته الھ تلھ سڙي وڃڻ سبب متاثر ڳوٺاڻو کليل آسمان هيٺ مدد جو منتظر ويٺل آهي، ٺڪراٺو ۽ ڀرپاسي ۾ مٽي جي.طوفان سان گڏ تيز برسات پئي، ڪيترن ئي جڳھن تي مٿي پيل سولر پليٽون ۽ ڪچن چپرن جون ڇتيون اڏامي ويون. روڊن رستن تي پاڻي بيھي ويو. بجلي جو نظام درھم برھم ٿي ويو، جڏهن ته ڦٽي جي پوکيل پاڇاٽي فصل کي به نقصان رسيو آھي، کھڙا ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۾ تيز هوا سان گڏ مٽيءَ جي طوفان سبب وڻ، ڇپرا ۽ سولر پليٽون ڪري پيون ڊرٻ ميهڙ شاھ، ڪمالديرو،ريڍر لاشاري، غلام ڳوٺ ۽ ٻين ڳوٺن ۾ تيز هوا سان گڏ مٽيءَ جو طوفان سبب وڻ، سولر پليٽون ،دڪانن ۽ گهرن اڳيان ٺهيل ڇپرا ڪري پيا، نئون آباد سميت پوري ڄام نوازعلي تعلقي جي مختلف علائقنڄام ڳوٺ، ٻيراڻي، دلور موري ۾ تيز هوا سان گڏ زودار برسات تيز طوفان سبب سولر پليٽون، دڪانن جا ڇپرا، ڪکاوان گهر،۽ لوڙها اڏامي ويا. برسات پوڻ سان گرمي زور ٽٽي ويو مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو، ٽنڊوآدم ۽ ڀرپاسي سخت گرمي ۽ ٻوسٽ رهڻ کانپوء طوفاني هوا سان گڏ برسات شروع ٿي وئي، جنهن سبب گرمي جو زور ٽٽي پيو ۽ موسم خوشگوار بڻجي وئيئ. تيز طوفاني هوا سبب سولر پلٽيون ۽ ڇپرا اڏامي ويا جڏهن ته ڪيترن هنڌن تي وڻ ڪري پيا جڏهن ته ٻھراڙي جي علائقن ۾ بجلي غائب ٿي وئي، پيرونمل ڪنڊياري ارڙهون ميل دلشاخ الشهباز موڙ ۽ آسپاس جي علائقن ڪجھ ڏينھن جي شديد گرمي کانپوءِ تيز طوفان هوا سان گڏ زوردار برسات پئي، جنهن سبب ھيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته برسات سبب بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو. مقصودَي رند ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز طوفاني هوا سان گڏ برسات جو سلسلو جاري رهيو، سبب بجلي جو نظام در برهم ٿي ويو، ڪکاون گهرن جا ڇپرا اڏامي ويا. کڏڙو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سخت گرمي ۽ ٻوسٽ بعد مٽي جي تيز طوفان بعد برسات جو زوردار وسڪارو ٿي ويو ـ موسم خوشگوار ۽ بجلي غائب ٿي وئي، گپچاڻي ۽ ڀرپاسي ۾ تيز هوا مٽي جي طوفان بعد برسات جو وسڪارو ٿيو، ڍورونارو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو، عمرڪوٽ شھر سميت ضلعي جي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ساوڻ جي پھرين تيز برسات پئي، جنھن بعد موسم خوشگوار ٿي وئي. نيوڇور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو، قمبر ۾ مٽيءَ جو زوردار طوفان سبب بجلي سميت مواصلات جو نظام درهم برهم ٿي ويو، رستم ۽ محمد آباغ ۾ تيز طوفان سبب ڪيترن ئي ڳوٺاڻن جون گھرن تان سولر پليٽون اڏامي ويون،برسات سبب بجلي به بند ڪئي وئي. شڪارپور ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز طوفاني ھوا، ڪيترن ئي شھرين ۽ ڳوٺاڻن جا سولر پليٽون اڏامي ويون، بجلي جو نظام درهم برهم. لکي غلام شاھ، ڳڙھي ياسين، خانپور، ميان صاحب، ھمايون، لوڊرا ۽ ٻين علائقن ۾ ڳوٺاڻن جا گھرن تي لڳل سولر پليٽون ۽ ٻيون سامان اڏامي ويون. نبي سرروڊ ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ تيز هوا ۽ گجگوڙ سان وسڪارو موسم خوشگوار بڻجي وئي، باھوکوسو، انڙ اسٽيشن، دوڙ، ڳڙھي حسن، ڪريم بخش کوسو، دلمراد، مانجھي پور، پنھورسنھڙي ۽ ٻين علائقن ۾ تيز طوفاني هوا لڳي، نئون دمبالو ۽ ان جي آس پاس جي علائيقن ۾ تيز ھوا سان گڏ برسات جاري گرمي جو زور ٽُٽي ويو موسم خوشگوار زميندارن ۽ ھارين ۾ خوشي جي لھر برسات سبب بجلي جو نظام درم برم ٿي ويو، ڪنري ۾ برسات دوران پنج پلي ريگيوليٽر وٽ کنوڻ ۽ تيز گجڳوڙ جي خوف سبب نوجوان جو ھانءُ ڦاٽڻ ۽ اٽيڪ ٿيڻ سبب فوت ٿي ويو، نوجوان جي سڃاڻپ شھر جي اميرآباد پاڙي واسي 25 سالن جي عاقب پٽ قيصر راجپوت طور ٿي، ننگرپارڪر ۽ ڀرپاسي برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي پيو، ٽنڊو جان محمد ۾ سانوڻي ڪرڻ سبب ڳوٺ ميريارمحمد، ربو، ۾ 14 اُٺ مري ويا ، اُٺن جا مالڪ جمعون لٻاري ۽ ڀوڄو لٻاري صدمي ۾ وٺجي ويا آھن
0 تبصرے
Do not use vulgar language