welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

مبين جتوئي، قربان شر سميت 22 پي ٽي آءِ ڪارڪن 9 مئي ڪيس مان بري

سکر:(جمعو 27 جون 2025ع)سکر جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت پي ٽي آءِ جي 22 ڪارڪن کي 9 مئي تي احتجاج ڪري روڊ بلاڪ ڪرڻ واري ڪيس ۾ باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي. سال 2023 ۾ سرڪار جي فرياد تي سي سيڪشن ٿاڻي تي پي ٽي آء جي اڳواڻن ۽ سياسي ڪارڪن خلاف روڊ بلاڪ ڪري پٿراء ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عبدالرحمان قاضي جي عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو ويو. وڪيل مطابق عدالت احتجاج ڪندڙ سياسي اڳواڻن مبين جتوئي، وڪيل قربان شر، راجيش، عبدالعزيز ابڙو، ظهير بابر سميت 22 ڪارڪن کي باعزت بري ڪيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے