
ڪنڊيارو:(جمعو 27 جون 2025ع)نوشهرو فيروز ۾ کدڙن فقيرن ۾ جھيڙي دوران هڪ کدڙي فقير سهيل شاهه عرف سهانا فقير جو نازڪ عضوو ڪپيو ويو. متاثر کدڙي فقير پنهنجي ساٿي فقيرن سان گڏ قومي شاهراهه تي ڪپڙن کان آجو ٿي احتجاج ڪيو. پوليس احتجاج واري ھنڌ پهچي متاثر کدڙي فقير کي انصاف ۽ ڪيس داخل ڪرڻ جو يقين ڏيارڻ بعد ضلعي اسپتال منتقل ڪيو. متاثر کدڙي فقير جي مخالف کدڙن ليليٰ، ببلي شاهه، شازيه، شاهده، چاهت ۽ ٻين تي نازڪ عضوو ڪٽي ڇڏڻ جو الزام لڳايو ويو، متاثر کدڙي فقير سهيل شاھ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي سھيل عرف سهانا فقير ڪنڊيارو جي فقيرن جي گرو آهي. ٻنهي گروپن جي وچ ۾ ڪافي عرصي کان تڪرار هلندڙ هو. ھوڏانھن کدڙي فقير سهيل شاهه جو نازڪ عضوي ڪٽجڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ۽ گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي، نوشهروفيروز ٿاڻي تي 12 سڃاتل ۽ پنج اڻ سڃاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ ليلان, افضل علي نواز عرف شازيه, انيتا, چاهت سميت 12 سڃاتل جوابدار ۽ پنج اڻ سڃاتل جوابدار شامل آهن. فريادي پاران موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪجهه وقت اڳ ڪرن فقير گم ٿي ويو جنهن جي اغوا جو الزام اسان تي هنيو ويو ،فريادي اهو به موقف اختيار ڪيو آهي ته ليلان بليدي فقير وارن فيصلو ڪرڻ لاء پير محلا نوشهروفيروز ۾ گهرايو جتي هنن منصوبو جوڙي منهنجو نازڪ عضوو ڪٽيو آهي. ھوڏانهن ڪيس داخل ٿيڻ باوجود گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آھي.
متاثر کدڙو فقير 2 مهينا اڳ اغوا ڄاڻايل ڪِرن فقير جي ڪيس ۾ نامزد هو
نوشهروفيروز: هڪ کدڙي ڪِرن فقير کي ٻه مهينا اڳ ڪنڊيارو مان اغوا ڪيو ويو هو، اغوا ڪيس ۾ متاثر فقير ملوث ڄاڻايل آهي، کدڙو فقير ٻه مهينا اڳ ڪنڊيارو مبينا اغوا ڪيو ويو هو، اغوا ٿيل فقير تي اغوا جو ڪيس ڪنڊيارو پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language