welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ارسا ۾سنڌ جي وفاقي ميمبر جي مقرري لاءِ 4 هفتا مهلت: اسجد علي جي معطلي جي وارننگ

ڪراچي:(جمعو 27 جون 2025ع)سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاقي سرڪار کي ارسا ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ وفاقي ميمبر مقرر ڪرڻ لاءِ چئن هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي، عدالت چيو ته مهيني اندر ارسا ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ وفاقي ميمبر مقرر نه ٿيو ته ارسا ۾ وفاقي ميمبر اسجد علي معطل ٿي ويندو، جسٽس اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس ميران محمد شاهه تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ وفاقي حڪومت کي حڪم ڏنو ته 4 هفتن ۾ ارسا ۾ سنڌ مان وفاقي ميمبر مقرر نه ڪيو ويو ته موجوده وفاقي ميمبر اسجد امتياز جي مقرري معطل ٿي ويندي، ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل بئريسٽر ضمير گهمرو دليل ڏيندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کي هدايت ڪئي هئي ته 3هفتن ۾ سنڌ مان وفاقي ميمبر مقرر ڪيو وڃي پر وفاقي حڪومت عدالتي حڪم جي تعميل نه پئي ڪري، سنڌ جي پاڻي جي حصي سميت ارسا جا مختلف معاملا سنڌ جا ميمبر نه هجڻ ڪري متاثر ۽ تعصب جو شڪار ٿي رهيا آهن، هن چيو ته وفاقي حڪومت قانون ۽ هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي خلاف ورزي ڪري رهي آهي، هن چيو ته سنڌ مان وفاقي ميمبر نه هجڻ ڪري ارسا جي جوڙجڪ غير قانوني آهي، اهڙن دليلن بعد هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته اسان وفاقي حڪومت کي 4 هفتن جي ملهت ڏئي رهيا آهيون، سنڌ مان وفاقي ميمبر مقرر نه ٿيو ته موجوده وفاقي ميمبر اسجد امتياز جي مقرري معطل ٿي ويندي،

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے