
سوات:(جمعو 27 جون 2025ع)طوفاني برساتن کانپوءِ سوات درياهه ۾ چاڙهه کانپوءِ تيز وهڪرن جي نتيجي ۾ سيالڪوٽ مان آيل سياحن جي هڪ ئي ڪٽنب جا 18 ڀاتي پاڻيءَ ۾ لڙهي ويا.
ريسڪيو ذريعن موجب، متاثر خاندان سوات گهمڻ لاءِ آيل هو ۽ درياهه جي ڪناري ويهي نيرن ڪري رهيو هو ته اوچتو برسات بعد درياهه ۾ تيز وهڪرو آيو جيڪو هڙني کي لوڙهي ويو .
ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته صبح اٽڪل 8 وڳي اطلاع مليو ته ماڻهو درياهه ۾ ٻڏي ويا آهن، حادثو سوات باءِ پاس واري علائقي ۾ پيش آيو جتي سياح درياهه جي ڪناري ويٺل هئا جن کي وهڪري جي شدت جو اندازو نه هو.
سندن چوڻ هو ته واقعي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو، جنهن دوران 3 ماڻهن کي زندهه بچايو ويو، جڏهن ته 7 ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن، لاپتا ماڻهن جي ڳولا لاءِ آپريشن جاري آهي.
سوات جي ڊپٽي ڪمشنر ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته درياهه ۾ وهنجڻ ۽ ان جي ويجهو وڃڻ تي اڳواٽ ئي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، پر ان باوجود سياح پابندي کي نظرانداز ڪري ڪناري تائين وڃن ٿا.
هڪ متاثر سياح نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سندس خاندان جا ڏهه ڀاتي درياهه ۾ لڙهي ويا، جن مان هڪ عورت جو لاش مليو آهي، جڏهن ته 9 ٻار اڃا تائين گم آهن.
سياح جو چوڻ هو ته ”اسان نيرن ڪري رهيا هئاسين، ٻار تصويرون ڪڍڻ لاءِ درياهه جي ويجهو ويا، ان وقت پاڻي گهٽ هو، پر اوچتو تيز وهڪرو آيو ۽ ٻار ڦاسي پيا، اسان ترت ريسڪيو کي اطلاع ڏنو پر اهي اٽڪلً هڪ کان ٻه ڪلاڪ دير سان پهت ريسڪيو جي موجودگيءَ ۾ ٻار درياهه ۾ ٻڏي ويا ۽ هو کين بچائي نه سگهيا.“
0 تبصرے
Do not use vulgar language