زوب:(ڇنڇر 28 جون 2025ع)سوات ۽ حويليان کان پوءِ بلوچستان جي شهر ژوب ۾ به هڪ خاندان جي ٻوڏ ۾ ٻڏي وڃڻ جو واقعو سامهون آيو آهي.
ليويز ذريعن موجب، هڪ خاندان جا ڇهه ماڻهو پکنڪ ملهائڻ لاءِ ژوب آيا هئا، جڏهن اوچتو انهن جي ڪار ٻوڏ ۾ ٻڏي وئي، جنهن سبب 4 عورتون ٻڏي فوت ٿي ويون، جڏهن ته 2 ماڻهن کي بچايو ويو.
ليويز ذريعن وڌيڪ چيو ته فوت ٿيندڙ ٽي عورتون ڀينرون هيون، انهن جو تعلق پنجاب جي ضلعي ملتان سان هو، بدقسمت خاندان ڪوئيٽا ذريعي ژوب پهتو.
ٻئي طرف، فوت ٿيل عورتن جا لاش ۽ زخمين کي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ کان پوءِ انهن جي اباڻي علائقي ڏانهن موڪليو ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language