تھران:(ڇنڇر 28 جون 2025ع)ايران انٽرنيشنل ايٽمي انرجي ايجنسي (IAEA) جي سربراهه رافيل گروسي جي ملڪ ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.
هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي موجب، انٽرنيشنل ايٽمي انرجي ايجنسي جا ڪيمرا پڻ ايراني ايٽمي سهولتن تان هٽائي ڇڏيا آهن.
ياد رهي ته اسرائيل 13 جون تي ايران تي حملا ڪيا هئا، جنهن ۾ 10 کان وڌيڪ ايٽمي سائنسدان ۽ اعليٰ فوجي آفيسر مارجي ويا هئا، جڏهن ته هوائي حملي ۾ سوين ماڻهو شهيد ۽ هزارين زخمي ٿيا هئا.
ياد رهي ته ايران اسرائيل تي جوابي ميزائل حملا ڪيا هئا، جنهن ۾ درجنين صيهوني مارجي ويا هئا، لڳ ڀڳ هڪ هزار زخمي ٿيا هئا، تل ابيب سميت مختلف شهرن ۾ درجنين عمارتون ۽ سرڪاري ۽ فوجي آفيسون تباهه ٿي ويون هيون.
ياد رهي ته اسرائيل آمريڪا کان مدد گهري هئي، جنهن کان پوءِ آمريڪي بي-2 بمبار جهازن ايران ۾ ٽن ايٽمي پاور پلانٽس تي سخت بمباري ڪئي، ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو ته ايران جي ايٽمي صلاحيت ختم ٿي وئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language