welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽر تي عورت سان زيادتي جو الزام، متاثره جي ماءُ انصاف جي منتظر

ويسٽ انڊيز:(ڇنڇر 28 جون 2025ع)ويسٽ انڊيز جي هڪ ڪرڪيٽر تي هڪ عورت سان زيادتي جو الزام لڳايو ويو آهي. مقامي ميڊيا موجب، ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽر جو هڪ عورت سان زيادتي جو واقعو مارچ 2023 ۾ ٿيو هو، پر پوليس طرفان رانديگر کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو هو. ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز موجب، ڪيس جي حوالي سان ڪنهن به انهن سان رابطو نه ڪيو آهي، تنهن ڪري اهي تبصرو نٿا ڪري سگهن. ميڊيا رپورٽن يا ڪرڪيٽ بورڊ پاران ڪرڪيٽر جي سڃاڻپ ظاهر نه ڪئي وئي آهي. متاثر جي ماءُ جو الزام ٻئي طرف، مبينا زيادتي جو شڪار ٿيل عورت جي ماءُ جاچ ايجنسين تي ڪيس کي سبوتاز ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي. مبينا زيادتي جو شڪار ٿيل عورت جي ماءُ چيو آهي ته اسان کي پئسا نه گهرجن، اسان پنهنجي ڌيءَ لاءِ انصاف چاهيون ٿا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے