welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سوات سانحو: عطا تار پاران ڊپٽي ڪمشنر جي بدران خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي معطل ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد:(ڇنڇر 28 جون 2025ع)وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُ الله تارڙ سوات سانحي تي ڊپٽي ڪمشنر جي بدران خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي معطل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران عطاءُ الله تارڙ سوات درياءَ ۾ افسوسناڪ واقعي تي صوبائي حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي ۽ چيو ته سوات ۾ سياح نه پر پي ٽي آءِ جي حڪومتي نظام جي موت ٿي آهي. عطا تارڙ، خيبرپختونخواهه حڪومت جي ڊپٽي ڪمشنر کي معطل ڪرڻ جي فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته سوات سانحي تي ڊپٽي ڪمشنر جي بدران خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي معطل ڪيو وڃي. عطا تارڙ چيو ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير چوي ٿو ته خيما فراهم ڪرڻ سندس ڪم ناهي. هن علي امين گنڊاپور کان پڇيو ته جيڪڏهن زندگيون بچائڻ توهان جو ڪم ناهي ته پوءِ توهان جو ڪم ڇا آهي؟ عطا چيو ته علي امين گنڊاپور اڊيالا جيل ۾ پنهنجو ڪئمپ آفيس ٺاهيو آهي، خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير پنهنجي صوبي ۾ وڃڻ بدران اڊيالا کان ڪم ڪري رهيو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن سوات درياءَ جي ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ تيز وهڪري سبب 17 سياح ٻڏي ويا هئا. ڊپٽي ڪمشنر سوات شهزاد محبوب موجب ٻڏي ويل ماڻهن مان 10 جو تعلق سيالڪوٽ، 6 جو مردان ۽ هڪ جو تعلق سوات جو رهواسي هو. سوات سانحي ۾ 11 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي، 4 ماڻهن کي بچايو ويو آهي، جڏهن ته 2 گم ٿيل سياحن جي ڳولا اڃا تائين جاري آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے