بنڪاڪ:(ڇنڇر 03 مئي 2025ع)ٿائلينڊ ۾ ٿيل پاڪ_ڀارت باڪسنگ مقابلي ۾ پاڪستاني باڪسر پنهنجي ڀارتي مخالف کي مات ڏئي ڇڏي.
ٿائلينڊ ۾ ٿيل رينڪنگ فائيٽ ۾ پاڪستاني باڪسر شهير آفريدي مخالف ڀارتي باڪسر ترجوت سنگهه باوا کي شڪست ڏني.
شهير آفريدي شاندار راند پيش ڪندي چوٿين رائونڊ ۾ ڀارتي مخالف کي شڪست ڏني.
ٽئين رائونڊ ۾ ئي ڀارتي باڪسر ترجوت سنگهه باوا جو توازن بگڙي ويو هو ۽ چوٿين رائونڊ ۾ هن شڪست کاڌي، جنهن بعد ريفري کيس وڌيڪ مقابلو جاري رکڻ کان روڪي ڇڏيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language