
حیدرآباد:(ڇنڇر 03 مئي 2025ع) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، سڀاڻي 4 مئي تي حيدرآباد ۾ سنڌو درياهه تي ڪينالن جي غير قانوني اڏاوت ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جھدوجھد ڪندڙ قومي اڳواڻن ۽ سنڌ دوست ڌرين جي مان ۾ آجياڻو رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته فوڊ سڪيورٽي ۽ گرين پاڪستان جي نعري ھيٺ سنڌو درياهه مڪمل طور پنجاب جي حوالي ڪرڻ جو منصوبو رٿيو ويو آھي، جنھن جي ذريعي سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ڌرتي ڌڻين کان کسيون پيون وڃن، سنڌ جي سياحتي مرڪز گورک هل سميت ٻه لک ايڪڙ زمين تي والار ڪئي وئي آھي، ڍنڍن تي قبضي جي شروعات ٺٽي ضلعي جي ٻيو نمبر وڏي ڍنڍ ھاليجي تي قبضي جي صورت ۾ ٿي آهي، اھي سڀ رٿائون سنڌ جي عوام کان سنڌو درياهه، سمنڊ، زمين ۽ معدنيات کسڻ جي سازش آھن.
اهڙن خيالن جو اظهار قاسم آباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه سخي ستار ڏنو چولياڻي ھائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.
رياض علي چانڊيو چيو ته سنڌو درياهه تي پنجاب جي غير قانوني والار ۽ قبضي جي تاريخ 150 سالن کان مٿي آھي، جنهن جا تفصيل سنڌ جي نوجوانن وڪيلن، ھارين ۽ مزدورن ٻچي ٻچي کي ياد ٿي ويا آهن. هن چيو ته اسان 1973ع جي آئين کي ھن ملڪ ۾ قومن جي قومي اختيارن، وسيلن ۽ پيداواري مالي دولت توڙي حق حاڪميت تي قبضي جو سبب سمجھون ٿا، ايڏي وڏي ڦرلٽ واري نظام جي باوجود 18 ھين ترميم جي لالي پاپ هوندي سنڌ جي ساحل ۽ وسائل جي بيدردي سان لٽ مار ٿي رھي آھي، اسان سڄي سنڌ کي قومي سلام ٿا پيش ڪريون ته سنڌ جي وارثن سياسي مذھبي ۽ ھر فرق کان بالاتر ٿي قابض قوتن کي للڪاريو ۽ نئين تاريخ رقم ڪئي، جنھن ۾ ھارين، شاگردن، قانوندانن، اديبن ۽ شاعرن شاندار ڪردار ادا ڪيو.
پيپلزپارٽي ڪارپوريٽ فارمنگ تي اسٽينڊ وٺڻ بجاءِ چيو آھي ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبو ئي پيپلزپارٽي جو آھي، جنھن جي مذمت ڪريون ٿا، سنڌ کي ٻيھر سندرو ٻڌڻو پوندو، اسين وري سڄي سنڌ وٽ وينداسين، احتجاجن جو آغاز ٿي چڪو آھي. درياهه تي ڌاڙي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ تي خاموش نه ويھنداسين.
هن چيو ته 4 مئي تي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ آجياڻي واري ويهڪ ۾ جدوجهد جي آئنده جي حڪمت عملي جوڙي ويندي.
ان موقعي تي جسم جو سينئر وائيس چيئرمين عزيز الله ڀٽو، وائيس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي، غفار ميرجت، پنھل جمالي، سلطان دل، ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language