ڪراچي:(ڇنڇر 03 مئي 2025ع)موسميات کاتي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب اولهه لهر ملڪ جي مٿانهن ۽ وچين حصن ۾ اثرانداز ٿي رهي آهي، ڄاڻايل اولهه لهر جا اثر ملڪ جي ڏاکڻن حصن ۾ پکڙجي رهيا آهن.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڄامشوري، ٽنڊي محمد خان، بدين، ٺٽي، شهدادڪوٽ، حيدرآباد، مٽياري، ٽنڊي الهيار، ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ شهيد بينظير آباد ضلعن ۾ اڄ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان هلڪي برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي گهوٽڪي، سکر، خيرپور، سانگهڙ، ميرپورخاص ۾ به ڪجهه هنڌن تي کنوڻ ۽ گجگوڙ سان هلڪي برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، بدين، حيدرآباد، مٽياري ۽ ڄامشوري ۾ تيز هوائون گهلڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ سومر تي برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language