سیالڪوٽ:(ڇنڇر 03 مئي 2025ع)مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ ۽ سينيٽر پروفيسر ساجد مير لاڏاڻو ڪري ويو آهي. خانداني ذريعن موجب پروفيسر ساجد مير کي دل جو دورو پيو جنهن سبب هو فوت ٿي ويو. ساجد مير 2 آڪٽوبر 1938ع تي سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو سندس عمر 86 سال کان وڌيڪ هئي.
ذريعن موجب گوڏي جي آپريشن سبب سندس طبيعت ڪافي خراب رهندي هئي انهي کان اڳ دل جي تڪليف ٿيڻ تي سندس باءِ پاس به ڪرايو ويو هو.
پروفيسر ساجد مير 2003 کان 2025 تائين لاڳيتو سينيٽر رهيو، انهي کان اڳ هو 1994ع کان 2000 تائين به ايوان جو ميمبر رهيو هو هڪ عظيم ديني، علمي ۽ سياسي شخصيت پڻ هو.
مرحوم جو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپن جي مضبوطي ۾ به نمايان ڪردار رهيو. ساجد مير مرڪزي پارٽي اهلحديت پاڪستان جو امير به رهيو. هو سينيٽ جي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين طور خدمتون به انجام ڏئي رهيو هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language