نئوں دیرو:(جمعو 30 مئي 2025ع)نئون ديرو ڀرسان معمولي ڳالھه تان ڀاڻيجن هٿان مامو قتل، ڳوٺ ابراهيم جي وانڍ ۾ ٻارن جي معمولي ڳالھه تان ڀاڻيجن مامي جي گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ننڊ پيل پيرسن محمد شريف جيهو گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي قتل ٿي ويو. واقعي واري اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو، مقتول محمد شريف جيهو جي پٽ عرفان جيهو ٻڌايو ته جوابدارن ٻارن جي معمولي ڳالھه تان گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني ۽ ننڊ پيل والد محمد شريف کي قتل ڪري گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري وڏو نقصان ڪري فرار ٿي ويا. هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.هوڏانهن پوليس ٻڌايو قتل واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language