welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

شهدادپور ڀرسان پوٽي ڏنڊا هڻي پيرسن ڏاڏي کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار فرار

شھدادپور:(جمعو 30 مئي 2025ع)شهدادپور ۾ جوابدار پوٽي ڏنڊا هڻي پيرسن ڏاڏي کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار فرار، ڪارڻ معلوم نه ٿيو، خبر موجب ڳوٺ محراب شاهي ۾ جنوني جوابدار مرتضيٰ شر ڏنڊن جا وار ڪري پنهنجي ڏاڏي 65 ورهين جي ملنگ شر کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول پيرسن جو لاش تحويل ۾ وٺي سمس اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ مقتول جي ڀاءُ علي مردان شر ٻڌايو ته نشئي جوابدار مرتضيٰ ڏنڊا ھڻي پنهنجي ڏاڏي جو خون ڪيو آهي، جوابدار نشي جو عادي آهي جيڪو هر وقت گهر ڀاتين سان پڻ جهيڙو ڪندو رهندو آهي، پوليس موجب واقعي جي گهڻ رُخي جاچ ڪئي پئي وڃي، ملوث جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن، هوڏانهن واقعي جو ڪو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے