welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڳڙهي خيرو: ڪارنهن الزام هيٺ صحافي گهران سڏي قتل: جوابدار گرفتار: اعتراف

ڳڙھي خيرو:(جمعو 30 مئي 2025ع)ڳڙهي خيرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ الطاف شاھه ۾ ڪارنهن الزام هيٺ صحافي گوليون هڻي قتل، جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار، هٿياربند گهران سڏ ڪري صحافي سيد محمد شاھه کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب جوابدار عبدالحسين عمراڻي، صحافي سيد محمد شاھه کي گھران سڏ ڪري کيس پاڻي پيارڻ جو چيو، جنھن بعد سيد محمد شاھ پنھنجي پٽ عامر شاھه کي گھران پاڻي آڻڻ لاءِ موڪليو ته پٺيان جوابدار گوليون هڻي صحافي کي قتل ڪيو. جڏهن ته پوليس جوابدار عبدالحسين عمراڻي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي، پر قتل جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. صحافي کي غيرت ۾ قتل ڪيو آهي: جوابدار جو اعتراف ڳڙهي خيرو: صحافي کي قتل ڪندڙ جوابدار عبدالحسين عمراڻي زخمي حالت ۾ پوليس کي ھٿ آيو، جوابدار کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان حوالي سان ايس ايچ او ڳڙهي خيرو معشوق شر پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته جوابدار زخمي حالت ۾ ھٿ آيو آھي، ٻي طرف زخمي جوابدار عبدالحسين عمراڻي پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته سيد محمد شاھي کي غيرت ۾ قتل ڪيو آھي، هن الزام هڻندي چيو ته صحافي هن جي گهرواري سان زيادتي ڪئي هئي، جنهن بعد عورت صدمي ۾ آپگهات ڪيو. گرفتار جوابدار تي پنهنجي 2 گهروارين کي مارڻ جو به الزام ڳڙهي خيرو: صحافي جي قتل جي الزام هيٺ گرفتار جوابدار عبدالحسين عمراڻي تي پنهنجي ٻن گهروارين جي قتل جو الزام به آهي، 20 ڏينهن اڳ عورت نجمه جو گھر اندر گولي لڳل لاش ھٿ آيو ھو، جنھن جي قتل الزام ۾ ڳڙهي خيرو پوليس کيس عبدالحسين عمراڻي کي گرفتار به ڪيو هو، بعد ۾ واقعي کي آپگهات ڄاڻائي گرفتار عبدالحسين کي آزاد ڪيو ويو، ڪجھه ڏينهن اڳ لعل خاتون عمراڻي جو به ڳوٺ ٻاهران لاش هٿ ڪيو ويو هو. قتل واري واقعي تي افسوس آهي، جاچ ڪئي وڃي: ممتاز حسين جکراڻي ڳڙهي خيرو: ڳڙهي خيرو مان چونڊيل ايم پي اي ممتاز حسين جکراڻي صحافي جي قتل جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته افسوسناڪ واقعو ٿيو آھي جنھن کي جيتري مذمت ڪجي گھٽ آھي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے