
ڪراچي:(جمعو 30 مئي 2025ع)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آهي ته سڀ ڄاڻن ٿا ته مورو واقعي جون ڪَڙيون ڪنهن سان ملن ٿيون، اُهي ڪير هئا جن گهر ساڙيا، سياسي ڪارڪن ڪڏهن به گهر نه ساڙيندا آهن، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته مورو واقعي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، ماڻهو روڊ بلاڪ ڪندا ته لازمي آهي، پوليس ڪو ايڪشن کڻندي، ردعمل ۾ هڪ ڪلوميٽر پري ڪنهن جو گهر ساڙيو ويو، سازش واضح آهي ته گهر ڇو ساڙيو ويو، حڪومت لاش وٺڻ لاءِ وارثن سان ڳالهيون ڪندي رهي، عدالتي حڪم تي لاش دفنايو ويو ته وارثن وري عدالت ۾ درخواست داخل ڪَرائِي، اسان آجيان ڪئي ۽ عزت احترام سان اباڻي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي، وڏي وزير چيو ته سي سي آءِ ۾ طئه ٿيو ته صوبا راضي نه ٿيندا ته ڪئنال نه ٺهندا، هڪ ختم ٿيل اشو کي ٻيهر ڪنهن جي چوڻ تي اٿاري رهيا آهيو؟ ان کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاھه پاران ڪراچي جي بلديا ٽائون واري علائقي ۾ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊزيزز (اين آءِ سي وي ڊي) جو افتتاح ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ايس آئي سي وي ڊي هاڻي دنيا جو سڀ کان وڏو دل جي بيمارين جو نيٽ ورڪ بڻجي ويو آهي جيڪو 10 مڪمل دل جا اسپتال ۽ سڄي صوبي ۾ 29 چيسٽ پين يونٽ سڄي صوبي ۾ هلائي رهيو آهي. هن اعلان ڪندي چيو ته ايندڙ سال اسپتال ۾ ٻيو ڪيٿيٽرائزيشن ليب ۽ سرجري آپريشن ٿيئٽر قائم ڪيو ويندو. وڏي وزير چيو ته ڪي ايم سي ڪيترن ئي سالن کان سنڌ حڪومت جي مالي سهڪار سان اسپتال جي تعمير شروع ڪئي هئي پر منصوبي ۾ ڪافي دير ٿي انکانپوءِ سنڌ حڪومت (اين آءِ سي وي ڊي) شراڪتداري سان رڳو 8 مهينن ۾ اسپتال مڪمل ڪئي. هن چيو ته ايس آئي سي وي ڊي هاڻي دنيا جو سڀ کان وڏو دل جي بيمارين جي علاج جو نيٽ ورڪ بڻجي ويو آهي جيڪو 10 مڪمل دل جا اسپتال ۽ سڄي صوبي ۾ 29 چيسٽ پين يونٽ سڄي صوبي ۾ هلائي رهيو آهي. هي نيٽ ورڪ سالياني 20 لک کان وڌيڪ مريضن کي مڪمل طور تي مفت علاج فراهم ڪري ٿو جنهن ۾ اوپن هارٽ سرجري، اسٽروڪ انٽروينشن، ٻارن جي دل جون سهولتون ۽ هنگامي اينجيوپلاسٽيز شامل آهن. وڏي وزير صوبي ۾ ترقياتي منصوبن جو حوالو ڏيندي چيو ته 579 منصوبا شروع يا تعمير هيٺ آهن جن جي ڪاميابي لاءِ 22621 اسٽاف سميت ٽيڪنيڪل، فرنٽ لائن ورڪرن ۽ انتظامي عملي کي مقرر ڪيو ويو آهي. اهي انگ اکر سنڌ جي عوام جي بهتري لاءِ وڏي پيماني تي ترقياتي ڪوششن ۽ انساني وسيلن جي متحرڪت کي ظاهر ڪن ٿا. ان موقعي تي وڏي وزير اعلان ڪيو ته سنڌ حڪومت اين آءِ سي وي ڊي سان ڀائيواريءَ ۾ ڪراچي اندر ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊزيزز تي ڪم ڪري رهي آهي جيڪا دنيا جو سڀ کان وڏو دل جي بيمارين جي اسپتال بڻجڻ واري آهي. ان کان علاوه دادو، قمبر شهدادڪوٽ، مٽياري ۽ سانگھڙ ۾ نئين صحت جون سهولتون قائم ڪرڻ جون رٿابنديون جاري آهن جيڪي سنڌ جي هر شهري کي برابر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ واري مشن کي مضبوط ڪن ٿيون. وڏي وزير ٻڌايو ته اسپتال ۾ داخل ٿيل پهريون مريض هڪ نوجوان هو جنهن جي عمر لڳ ڀڳ 25-26ع سال هئي جڏهن ته ڪجهه مريض اڳ ۾ اين آئي سي وي ڊي ۾ سرجري ڪرائي چڪا هئا. وفاقي فنڊنگ ۽ خودمختياري جي مسئلن بابت مراد شاهه ياد ڏياريو ته 2011ع تائين دل جي بيمارين جي علاج جون سهولتون وفاقي حڪومت جي ماتحت هيون پر ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ انهن جو اختيار سنڌ حڪومت کي منتقل ڪيو ويو. ڪجهه وقت کانپوءِ وفاقي حڪومت اين آءِ سي وي ڊي ڊي سميت اوچتو سڀني اسپتالن جي فنڊنگ بند ڪري ڇڏي. مراد شاهه ٻڌايو ته جيتوڻيڪ عدالت حڪم ڏنو ته جناح اسپتال، اين آئي سي ايچ ۽ اين آءِ سي وي ڊي اسپتالون وفاق کي واپس ڪيون وڃن پر سنڌ انهن تي اڳ ۾ ئي وڏي پيماني تي سيڙپڪاري ڪري چڪو هو. هن چيو ته سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت جي فيصلي جي مخالفت ڪئي ۽ وفاق پاران اسپتالن کي سنڌ جي فنڊنگ سان هلائڻ واري تجويز تي شڪ ظاهر ڪيو ويو. سيڙپڪاري جي حفاظت ۽ اسپتالن تي ڪنٽرول برقرار رکڻ لاءِ سنڌ حڪومت اين آءِ سي وي ڊي کي هڪ خودمختيار اداري طور قائم ڪيو ته جيئن وفاقي حڪومت اسپتال تي ٻيهر دعويٰ نه ڪري سگهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language