welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ووٽ ڏيڻ بنيادي حق ناهي، جج آئين کان ٻاهر فيصلا ڪيئن ڏئي سگهن ٿا ؟ آئيني بينچ

اسلام آباد:(جمعو 30 مئي 2025ع)سپريم ڪورٽ ۾ مخصوص سيٽن بابت فيصلي خلاف حڪومت جي نظرثاني درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس مسرت هلالي ريمارڪس ڏيندي چيو ته مخصوص سيٽن جي فيصلي ۾ ووٽ کي بنيادي حق چيو ويو، جڏهن ته ووٽ ڏيڻ بنيادي حق ناهي. جسٽس محمد علي مظهر سوال ڪيو ته جج آئين جي دائري کان ٻاهر وڃي فيصلا ڪيئن ڏئي سگهن ٿا؟ وڪيل فيصل صديقي موقف اختيار ڪيو ته اقليتي ۽ اڪثريتي فيصلن ٻنهي ۾ پي ٽي آءِ کي سياسي جماعت تسليم ڪيو ويو ۽ چونڊ حق کسڻ جمهوريت جي خلاف آهي. عدالت ٻڌڻي 16 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ايندڙ ٻڌڻي تي فيصل صديقي پنهنجا دليل جاري رکندو. سپريم ڪورٽ ۾ مخصوص سيٽن بابت فيصلي خلاف داخل نظرثاني درخواستن تي ٻڌڻي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 11 رڪني بينچ ڪئي. سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل فيصل صديقي موقف اختيار ڪيو ته پي ٽي آءِ جي اميدوارن کي ڄاڻي واڻي چونڊ حق نه ڏنو ويو ۽ مخصوص سيٽن کان محروم رکي آئين جي خلاف ورزي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اقليتي ۽ اڪثريتي فيصلن ٻنهي ۾ پي ٽي آءِ کي باقاعده جماعت تسليم ڪيو ويو هو. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ان جي ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي فيصلي ۾ به پي ٽي آءِ کي جماعت تسليم ڪيو ويو، ۽ سمورن اقليتي ججز به ان ئي بنياد تي پي ٽي آءِ جي حق ۾ فيصلو ڏنو هو. جن بنيادن تي اڪثريتي ججز ڏنو. ٻڌڻي دوران جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏنا ته مخصوص سيٽن بابت فيصلي ۾ ووٽ کي بنيادي حق قرار ڏنو ويو، جيتوڻيڪ اهو بنيادي حق ناهي. هن چيو ته سياسي جماعت ۽ پارلياماني پارٽي ۾ فرق هوندو آهي، جنهن جي وضاحت ضروري آهي. جسٽس محمد علي مظهر سوال اٿاريو ته ڇا جج عوامي اميدن لاءِ آئين کي ٻيهر لکي سگهن ٿا. جنهن تي فيصل صديقي چيو ته ڪو آئين ٻيهر ناهي لکيو ويو. جسٽس مسرت هلالي اعتراض اٿاريو ته فيصلي ۾ ٽن ڏينهن جي مدت کي 15 ڏينهن ڪري آئين جي اصل روح کي تبديل ڪيو ويو. جسٽس صلاح الدين پنهور نشاندهي ڪئي ته جن نظرثاني داخل ڪئي انهن فيصلي جون حقيقتون ئي ناهن ٻڌايون، جيڪي جج پهريون ڀيرو ڪيس ٻڌي رهيا آهن، انهن لاءِ مڪمل تصوير پيش ڪرڻ ضروري آهي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اوهان سمورن معاملن جو ذميوار اليڪشن ڪميشن کي قرار به ڏيو، ڪجهه پنهجي ذمي به وٺو. جسٽس مسرت هلالي سوال ڪيو ته پي ٽي آءِ وٽ ايترا ذهين قانوني دماغ هئا، ته ڇا انهن قانون نه پڙهيو هيو ڇا. فيصل صديقي جواب ڏنو ته ججز جا به وڏا دماغ آهن، انهن کان به غلطيون ٿي سگهن ٿيون، جيڪڏهن آئين ايترو واضح هجي ها ته سپريم ڪورٽ جي ضرورت ئي نه پوي ها. وڪيل فيصل صديقي موقف اختيار ڪيو ته پي ٽي آءِ کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان روڪيو ويو، جڏهن ته آئين موجب جماعت کي به اليڪشن وڙهڻ جو حق هوندو آهي. جسٽس امين الدين رمارڪس ڏيندي چيو ته نظرثاني صرف اڪثريتي فيصلي تي ٿي رهي آهي، اقليتي فيصلن جو سهارو ڪيئن وٺي سگهجي ٿو. فيصل صديقي چيو ته اڪثريتي ۽ اقليتي ٻنهي فيصلن پي ٽي آءِ کي جماعت تسليم ڪيو. ٻڌڻي جي آخر ۾ جسٽس امين الدين چيو ته فيصل صديقي کي وڌيڪ دليل ڏيڻ لاءِ هڪ ٻڌڻي جو موقعو ڏنو ويندو ۽ ٻڌڻي 16 جون جي صبح 11:30 تائين ملتوي ڪئي وئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے