welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڌاڙيل وڏيرن جي رحم ڪرم تي آهن، ڪارروائي ڇو ناهي ٿي؟ پوليس ڪردار ادا ڪري: عدالت

لاڙڪاڻو:(جمعو 30 مئي 2025ع)سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو ۾ پنهنجي حياتي دوران صدف حاصلو طرفان داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي، عدالت طرفان لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ امن امان جي خراب صورتحال تي ڪاوڙ جو اظهار، عدالت حڪم ڏنو آهي ته پوليس مان ويزا سسٽم ختم ڪري بائيو ميٽرڪ نظام متعارف ڪرائي ٿاڻن تي نفري مقرر ڪئي وڃي، گهوٽڪي سميت ٻين ضلعن ۾ ججن جي مقرري کي يقيني بڻايو وڃي، ٻڌڻي دوران ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته امن امان جي لاءِ سنڌ ۾ رينجرز کي هر سال 6 ارب 10 ڪروڙ رپين جي بجيٽ ڏني ويندي آهي، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا آهن ته پوليس جي بجيٽ ۾ 2 ارب جو اضافو ڪري پوليس کي جديد هٿيار ۽ ڊرون ڏئي اهلڪارن جي الائونس ۾ واڌ ڪئي وڃي ته پوليس وڌيڪ اثرائتو ڪم ڪري سگهي ٿي. عدالت آءِ جي سنڌ ۽ گهرو کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ته سنڌ جي سمورن ڊويزنن جي الڳ الڳ سمري ٺاهي انگ اکرن تي مشتمل رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ ۽ ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري طرفان امن امان ۽ صدف حاصلو جي قتل ڪيس بابت اڳڀرائي رپورٽون جمع، آءِ جي سنڌ عدالت کي ٻڌايو آهي ته صدف حاصلو کي سيڪيورٽي فراهم نه ڪندڙ پوليس آفيسرن خلاف ڊي آءِ جي سکر جي سربراهيءَ ۾ جاچ هلي رهي آهي ۽ جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جي سربراهيءَ ۾ پوليس جاچ ڪري رهي آهي، عدالت آءِ جي سنڌ کي حڪم ڏنو ته ٽيڪنيڪل اوزان ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري مک جوابدار فريد حاصلو کي گرفتار ڪيو وڃي.ان ڏس ۾ ڏيڍ مهينو اڳ رخصتي واري معاملي تان قمبر سٽي ٿاڻي جي حد راهوجا لاڙي وٽ وين مان لاهي گوليون هڻي قتل ڪيل لاڙڪاڻي واسڻ پرائمري اسڪول جي ماسترياڻي صدف حاصلو طرفان پنهنجي حياتي دوران وڪيل معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو ۾ داخل پٽيشن جي ٻڌڻي جسٽس امجد علي سهتو جي سربراهيءَ ۾ سنگل بئنچ ڪئي. ٻڌڻي ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري جاويد علي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ساجد امير سدوزئي، ايس پي انويسٽيگيشن محمد علي، مقتولا صدف حاصلو جا وارث ۽ ٻيا لاڳاپيل پوليس آفيسر پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ ۽ ايڊيشنل گهرو کاتي جي سيڪريٽري امن امان ۽ صدف حاصلو جي قتل بابت اڳڀرائي رپورٽون جمع ڪرايون، جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڪيس ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ڪڏهن جوابدار گرفتار ٿيندو؟ جنهن تي آءِ جي سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته صدف حاصلو واري ڪيس ۾ هڪ عورت سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. صدف حاصلو کي تحفظ فراهم نه ڪرڻ بابت ڊي آءِ جي سکر جي سربراهيءَ ۾ جاچ هلي رهي آهي جڏهن ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جي سربراهيءَ ۾ جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ ڌار پوليس جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي، ان کي پنهنجي مرضيءَ موجب پوليس آفيسرن کي شامل ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي ۽ جوابدار جو اطلاع ڏيندڙ لاءِ 25 لک رپيه انعام به رکيو ويو آهي، ٻڌڻي دوران عدالت لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ امن امان جي بگڙيل صورتحال بابت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، گهوٽڪي ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ شام 5 وڳي کان پوءِ ماڻهن جو سفر ڪرڻ مشڪل بڻيل آهي، جتي ڌاڙيل راڄ برقرار آهي، جن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟ سنڌ ۾ وڏيرن جون گاڏيون ڪچي جي ڌاڙيلن کي هٿيار سپلائي ڪن ٿيون ان تي پوليس ڇو ڪارروائي نه پئي ڪري؟ ڌاڙيل وڏيرن جي رحم ڪرم تي آهن، امن امان جي حوالي سان ايس ايس پيز جو ڪردار ڪٿي به نظر نه پيو اچي، ايس ايس پيز کي ڊپارٽمينٽل طور هدايتون جاري ڪيون وڃن ته هو پنهنجو ڪردار ادا ڪن جيڪڏهن امن امان جي بحالي ۾ ڪا رڪاوٽ آهي ته وڏي وزير سان رجوع ڪيو وڃي، عدالت چيو ته بدامني سبب لاڳاپيل کاتن جا سيڪريٽري ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺڻ لاءِ نه پيا وڃن جنهن ڪري اتان جي اسڪيمن جو ڪم ناقص ٿي رهيو آهي. عدالت چيو ته پوليس مان ويزا سسٽم کي ختم ڪري بائيو ميٽرڪ تحت پوليس نفري کي ٿاڻن تي مقرر ڪيو وڃي، ٿاڻن تي “اڙي” وارو لفظ ختم ڪري جوان وارو لفظ متعارف ڪرائي سڏيو وڃي عدالت چيو ته 7 مهينن کان گهوٽڪي سميت ٻين ڪورٽن ۾ ججن جي مقرري ڇو نه ٿي سگهي آهي جنهن ڪري اسپيڊي ٽرائل متاثر ٿي رهيو آهي جيڪو فريادي جو حق آهي ان لاءِ گهرو کاتو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار سان رجوع ڪري ۽ ججن کي مقرر ڪري رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي. عدالت ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته سنڌ ۾ رينجرز گهڻا ڌاڙيل ماريا آهن ۽ رينجرز جي مقرري سان امن امان جي صورتحال تي ڪهڙو اثر پيو آهي؟ ۽ رينجرز جي سالياني بجيٽ ڪيتري آهي؟ ان تي ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ رينجرز کي هر سال 6 ارب 10 ڪروڙ جي بجيٽ ڏني ويندي آهي جنهن تي عدالت ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري کي چيو ته پوليس جي بجيٽ ۾ 2 ارب جو اضافو ڪري پوليس کي جديد هٿيار ۽ ڊرون ڏئي اهلڪارن جي الائونس ۾ واڌ ڪئي وڃي ته پوليس وڌيڪ اثرائتو ڪم ڪري سگهي ٿي. عدالت آءِ جي سنڌ ۽ گهرو کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ته سنڌ جي سمورن ڊويزنن جي الڳ الڳ سمري ٺاهي انگ اکرن تي مشتمل رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ٻڌڻي دوران عدالت صدف حاصلو واري ڪيس ۾ ملوث جوابدار پوليس ڪانسٽيبل فريد حاصلو جي گرفتاري بابت آءِ جي سنڌ کان پڇاڻو ڪيو، جنهن تي آءِ جي سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته صدف حاصلو کي تحفظ فراهم نه ڪندڙ پوليس آفيسرن خلاف ڊي آءِ جي سکر جي سربراهيءَ ۾ جاچ هلي رهي آهي، اهڙي رپورٽ اچڻ بعد ڪارروائي ڪئي ويندي. آءِ جي سنڌ عدالت کي وڌيڪ ٻڌايو ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جي سربراهيءَ ۾ جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ الڳ پوليس ٽيم جوڙي ڇڏي آهي، ان ۾ ايس پي سي ٽي ڊي ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ شامل آهن، صدف حاصلو واري ڪيس ۾ هڪ عورت سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ان تي عدالت آءِ جي سنڌ کي حڪم ڏنو ته ٽيڪنيڪل اوزان ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري مک جوابدار فريد حاصلو کي گرفتار ڪيو وڃي جنهن کان پوءِ عدالت درخواست جي ٻڌڻي 25 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي. صدف حاصلو جي وارثن کي ڌمڪيون، تحفظ ڏيڻ جو مطالبو لاڙڪاڻو: صدف حاصلو جي ڀيڻ شمشاد خاتون چيو ته اسين عدالت مان پراميد آهيون، عدالتي حڪم تي ٻڌڻي تي آءِ جي سنڌ آيو، جنهن کي عدالت حڪم ڏنو ته قاتل کي گرفتار ڪيو، آءِ جي سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته پوليس قاتل جي ڀيڻ ۽ ڀيڻويي کي گرفتار ڪيو آهي، قتل فريد ڪيو آهي ٻئي ڄڻا ڀيڻ جي قتل ملوث هئڻ سان گڏ جوابدار جو ساٿ ۽ پلان ۾ گڏ آهن، هن چيو ته اڳ منهنجي مقتولا ڀيڻ واري ڪيس ۾ پوليس ڪم شروع ئي ڪو نه ڪيو، پوليس صرف آسرا ڏئي رهي هئي، عدالتي حڪم کان پوءِ پوليس ڪارروائي ڪري جوابدار رفيق حاصلو کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن اڳ ضمانت ڪرائي ورتي. هن چيو ته اسان کي پوليس تحفظ ڏئي گهرن جي ٻاهريان اهلڪار ويٺل آهن، مان نوڪري پيشه عورت آهيان ۽ ٻاهر نڪرندي آهيان جنهن سان اسان کي خطرو آهي ۽ ڌمڪيون ملن ٿيون جنهن ڪري مان نوڪري تي به وڃي نه ٿي سگهان، منهنجي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سميت سمورن لاڳاپيل پوليس آفيسرن کي اپيل آهي ته منهنجي مقتولا ڀيڻ جي قاتلن کي گرفتار ڪري اسان کي انصاف ڏيارين. ڏوهاري پڪڙيون ٿا ته رد عمل ۾روڊن تي ڦرلٽ ڪن ٿا: آءِ جي سنڌ لاڙڪاڻو: آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت هٿيارن جي خريداريءَ لاءِ سنڌ پوليس کي 4 ارب 30 ڪروڙ رپيا ڏنا آهن جن پئسن مان هٿيار خريد ڪري پوليس کي ڏينداسين، هڪ سال جي عرصي دوران پوليس سکر، گهوٽڪي، شڪارپور ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعن ۾ڌاڙيلن خلاف ڪارروائيون ڪندي 88 ڌاڙيلن کي ماري 160 ڌاڙيلن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي جڏهن ته چئني ضلعن مان 450 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس جي ردعمل سبب ڪيترائي ڌاڙيل هٿيار ڦٽا ڪرڻ چاهن ٿا، پوليس هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي پاليسي جوڙي آهي جيڪڏهن ڪو هٿيار ڦٽا ڪرڻ چاهيندو ته اسين قانون موجب عمل ڪري اهڙي ڪا به شيءَ نه ڪنداسين جنهن سان ماڻهو کي محسوس ٿئي پوليس هٿيار ڦٽا ڪرڻ واري پاليسي جي حوصلا شڪني ڪري رهي آهي، جتي پوليس جي سگهه وڌائڻ جو معاملو آهي ان تي سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس پرعزم آهي ان کي وڌايو ويندو، مارچ 2024ع ۾ آءِ جي سنڌ جو عهدو سنڀالڻ وقت سنڌ مان هرڪجي اغوا ٿي ويلن 35 ڄڻن جي فهرست ملي، جيڪا هاڻي سنگل ڊجٽ ۾ آهي، اسان جي پوري ڪوشش آهي ته امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائي عوام کي امن ڏيون، اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو ۾ مقتولا پرائمري اسڪول ٽيچر صدف حاصلو واري ڪيس ۾ ٻڌڻي بعد ڳالهائيندي ڪيو. آءِ جي سنڌ جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪو به پوليس آفيسر ايڪشن وٺندو آهي ان جي خلاف ڏوهاري چئن طريقن سان ردعمل ڏيندا آهن ته جنهن ۾ پهريان ويڊيو وائرل ڪرڻ، ٻيو روڊ تي نڪري مسافرن جي گاڏين تي حملو ڪري ماڻهن کي اغوا ڪندا آهن پر پوليس ڌاڙيلن جي اهڙي حرڪت سان پنهنجون ڪارروائيون نه روڪيندي. هن چيو ته پوري ڪوشش آهي ته ٿاڻن کي وڌ کان وڌ وسيلا ڏيون. ڪافي سالن کان سنڌ ۾ ڪيترائي ٿاڻا ٺاهيا ويا، مان سمجهان ٿو ته ٿاڻا گهٽ ٿيڻ گهرجن، اسان حڪومت کي سفارش اماڻي آهي ته سنڌ ۾ 618 ٿاڻن کي گهٽائي 485 ڪيا وڃن ۽ جيڪي غيرضروري ٿاڻا آهن انهن کي بند يا ختم ڪيو وڃي. جتي مقرر نفري مقرر کي لاڳاپيل ٿاڻن تي مقرر ڪئي ويندي ته جيئن ايس ايڇ او جي سگهه وڌي، اسان چاهيون ٿا ته ٿاڻن کي ٽيڪنالاجي ۽ هٿيار ڏيون جيڪي هٿيار خريد ڪري ٿاڻن کي ڏنا ويندا. هن چيو ته صدف حاصلو واري ڪيس ۾ مان سمجهان ٿو ته پوليس کي قتل کان اڳ کيس تحفظ ڏيڻ گهرجي ها جيڪو افسوسناڪ واقعو آهي. صدف حياتي ۾ تحفظ لاءِ درخواست ڏني ، ڪيس هاڻي پيو هلي: وڪيل لاڙڪاڻو: مقتولا صدف حاصلو جي وڪيل بهادر شاهاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صدف حاصلو پنهنجي حياتي ۾ هي ڪيس داخل ڪيو، ان جي شهادت کان پوءِ عدالت ڪيس هلائيندي رهي ٿي ۽ ٻڌڻي تي آءِ جي سنڌ ۽ گهرو کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ٿي ڪري پنهنجون رپورٽون جمع ڪرايون، آءِ جي سنڌ پنهنجي رپورٽ ۾ عدالت کي ٻڌايو آهي ته پوليس 2 جوابدارن فراز پٽ رفيق حاصلو ۽ شڪيلان حاصلو کي گرفتار ڪيو آهي جيڪي جاچ ۾ گهربل هئڻ سان گڏ واقعي جا سهولتڪار ۽ پوليس حراست ۾ آهن جن کان وڌيڪ جاچ ٿيندي. پروٽوڪول ۽ بدامني خلاف شڪايتون: آءِ جي سنڌ معافي وٺي ڇڏي لاڙڪاڻو: آءِ جي سنڌ جي لاڙڪاڻي آمد جي موقعي تي آءِ جي سنڌ جي پروٽوڪول ۽ بدامني خلاف شڪايتون ڪيون، آءِ جي سنڌ شڪايت ڪندڙ وڪيل کان معافي وٺي ڇڏي، ان سلسلي ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو آمد جي موقعي تي هڪ وڪيل آءِ جي سنڌ سان مخاطب ٿيندي شڪايت ڪئي ته توهان جي آمد تي روڊ رستا بند آهن، اسڪول جي موڪل جو وقت آهي ۽ گرمي لڳي پئي آهي. جنهن تي آءِ جي سنڌ وڪيل کان معافي پڻ ورتي. ان دوران هڪ شهري دانهيندي چيو ته منهنجي سول لائين ٿاڻي جي حد مان موٽرسائيڪل چوري ٿي وئي آهي، ڪيترائي ڀيرا ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي چڪو آهيان پر پوليس سنجيده ڪوششون نه پئي ڪري جنهن تي آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي هدايت ڪئي ته متاثر شهري جي مسئلي کي حل ڪيو وڃي. ٻئي پاسي آءِ جي سنڌ کي هڪ ڳوٺاڻي شڪايت ڪئي ته سندس ڀاءُ جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته ڊي آءِ جي سکر ڀاءُ جي قاتلن کي گرفتار نه پيو ڪري جنهن تي آءِ جي سنڌ کيس خاطري ڪرائي ته هو ان معاملي تي ڊي آءِ جي سکر سان رابطو ڪري کيس هدايتون جاري ڪندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے