welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ميچ فڪسنگ الزام: ڀارتي فرنچائز جي مالڪ کي 2 سال قيد ۽ 10 سال معطلي جي سزا

کولمبو:(جمعو 30 مئي 2025ع)لنڪا ٽي ٽين ليگ جي فرنچائز گال مارولز جي مالڪ ۽ ڀارتي شهري پريم ٺاڪر کي ميچ فڪسنگ جي الزام هيٺ 2 سال قيد ۽ 10 سال معطلي جي سزا ٻڌائي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب، سريلنڪا ۾ راندين ۾ ڏوهن جي روڪٿام واري ايڪٽ تحت پريم ٺاهر کي پاڻ تي لڳل ميچ فڪسنگ الزامن جو ڏوهه قبولڻ ٻه سال قيد، سٺ لک ڀارتي رپيا ڏنڊ، ڏهه لک معاوضو ۽ ڏهه سال معطلي جي سزا ٻڌائي وئي آهي. ڪينڊي هاءِ ڪورٽ آءِ سي سي اينٽي ڪرپشن يونٽ طرفان جاري جاچ لاءِ پريم ٺاڪر جي موبائيل فون مان ڊيٽا ڊئون لوڊ ڪرڻ ۽ جاچ جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي. ٻئي پاسي پريم ٺاڪر کي ڏنڊ ۽ معاوضي جي ادائيگي کانپوءِ مُلڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته پريم ٺاڪر ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽر آندري فليچر کي ڊسمبر 2024ع ۾ لنڪا ٽي ٽين ليگ دوران گال مارولز لاءِ ميچ فڪسنگ ۽ مراعتن جي آڇ ڪئي هئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے